اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن سينارٽي جو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر اٿاري ڇڏيو.
5 ججن سينارٽي لسٽ خلاف ريپريزنٽيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي موڪلي ڇڏي.
ذريعن موجب چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي کي به ريپريزنٽيشن جي ڪاپي موڪلي وئي آهي.
واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي منظوري سان گذريل ڏينهن ججن جي سينارٽي لسٽ جاري ڪئي وئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس محسن ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اسحاق خان ۽ جسٽس ثمن رفعت به ريپريزنٽيشن موڪليندڙن ۾ شامل آهي.
ذريعن موجب ريپريزنٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته آئين موجب ٻي هاءِ ڪورٽ ۾ ٽرانسفر ٿيڻ جي جج کي نئون حلف وٺڻو پوندو آهي، ٻي هاءِ ڪورٽ ۾ ٽرانسفر ٿيندڙ جج جي سينارٽي نئين حلف موجب طئي ٿيندي.
You might also like