پاڪستان حڪومت جي سڄي دنيا کان سستو حج پيڪيج ڏيڻ جي دعويٰ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته هن سال حج لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن، ڊالر جي ريٽ جي شرح سان نه رڳو خطي پر سڄي دنيا ۾ سستو حج ڪرائي رهيا آهيون.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري سالڪ حسين چيو ته حاجين کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون، وزارت جيڪو سستو حج پيڪيج ڏئي رهي آهي، اهو دنيا ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ ناهي.
هن چيو ته هر حاجي کي ان جي مددگار بابت ڄاڻ هوندي، هن سال حج جا خرچ گهٽ ۽ سهولت وڌيڪ هوندي، گهٽ ۾ گهٽ 10 لک 50 هزار کان 11 لک 75 هزار رپيا پيڪيج رکيو ويو آهي، پهريان 10 لک 75 هزار رپيا جو اعلان ڪيو ويو هو پر هاڻي ان ۾ 25 هزار رپيا هر شخص لاءِ گهٽ ڪيو ويو آهي.
وفاقي وزير چيو ته سرڪاري اسڪيم تحت حج ڪوٽا مڪمل ٿي چڪي آهي، اسان هاڻي وڌيڪ درخواستون نه وٺنداسين، 150 حاجين سان گڏ هڪ مددگار فراهم ڪيو ويندو، اسان جو حاجين سان رابطو تمام مضبوط هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.