راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڀارتي فوج جا کوکلا بيان ان جي وڌندڙ مايوسي جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ پاڪستان مڪمل طاقت سان ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيندو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 267هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ فورم ڀارتي فوجي قيادت جي تازي شرپسندي وارن بيانن جو سختي سان نوٽيس ورتو.
ڪانفرنس ڀارتي فوجي قيادت جي بيانن کي غير ذميوار ۽ علائقائي استحڪام لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو، شرڪت ڪندڙن ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري بابت موجوده صورحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج ملڪي خود مختياري ۽ سلامتي جي دفاع لاءِ ڀرپور نموني تيار آهي ۽ ڀارتي فوج جا اهي کوکلا بيان ان جي وڌندڙ مايوسي جي نشاندهي ڪن ٿا، پاڪستان مڪمل طاقت سان ڪنهن به اڳرائي جو جواب ڏيندو.
کوکلا بيان ڀارتي فوج جي مايوسي جي نشاندهي ڪن ٿا، اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏينداسين: آرمي چيف
You might also like