چيٽ جي پي ٽي مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ ) سان ليس اهڙو ٽول آهي جيڪو انتهائي تيزيءَ سان انٽرنيٽ جي دنيا جي هر شعبي جو حصو بڻجندو پيو وڃي.
هي اي آءِ چيٽ بوٽ مائيڪرو سافٽ بنگ سرچ انجڻ ۽ ايپل جي آءِ او ايس 18 جو حصو بڻجي چڪو آهي جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي آن لائين سروسز ۾ به ان کي شامل ڪيو پيو وڃي.
ڊسمبر 2024 ۾ ان ٽول کي واٽس ايپ ۾ استعمال ڪرڻ جي سهولت اوپن اي آءِ طرفان فراهم ڪئي وئي هئي.
هاڻي اوپن اي آءِ طرفان واٽس ايپ ۾ چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ ڪارائتن فيچرز جو واڌارو ڪيو ويو آهي.
اينڊرائيڊ اٿارٽي جي هڪ رپورٽ موجب، پهريان واٽس ايپ واهپيدار چيٽ جي پي ٽي کان رڳو سوالن جا جواب حاصل ڪري سگهندا هئا.
جنهن کي هاڻي تبديل ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هاڻي اوپن اي آءِ طرفان واٽس ايپ واهپيدار ميسنجر جي اندر رهندي وائس نوٽيس ۽ تصويرن کي چيٽ جي پي ٽي کان سوالن جا جواب ڄاڻڻ لاءِ استمال ڪري سگهندا.
چيٽ جي پي ٽي واهپيدارن جي فراهم ڪيل تصويرن جو تجزيو ڪري سگهندو جڏهن ته اوهان پنهنجا سوال وائس نوٽس ذريعي به پڇي سگهندئو.
چيٽ بوٽ طرفان وائس جو تجزيو ڪري ان پٽاندڙ جواب ڏنو ويندو.
رپورٽ موجب، جڏهن اوهان وائس ايپ ۾ تصوير اُماڻي سوال پڇندئو ته چيٽ بوٽ طرفان تصوير جو تجزيو اوپن اي آءِ جي سرورز جي ذريعي لاڳاپيل جواب ڏنا ويندا.
اوپن اي آءِ طرفان واٽس ايپ ۾ واهپيدارن کي چيٽ جي پي ٽي اڪائونٽس تي سائن ان ٿيڻ جي سهولت به فراهم ڪئي وئي آهي.
ان سان چيٽ جي پي ٽي کي ماهوار فيس ادا ڪري استعمال ڪندڙ واهپيدار واٽس ايپ جي اندر ئي پريميئم فيچرز تائين رسائي حاصل ڪري سگهندا.
You might also like