فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسرائيلي جيلن مان آزاد ٿيندڙ 15 فلسطيني قيدين جي ميزباني تي راضپو ظاهر ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا طرفان حماس ترجمان خالد قدومي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو ته غزا جنگبندي معاهدي تحت اسرائيل جن فلسطينين کي آزاد ڪيو آهي، انهن مان ڪجهه مصر پهتا آهن.
حماس ترجمان چيو ته مصر کانسواءِ ترڪيه، ملائيشيا، پاڪستان ۽ انڊونيشيا به آزاد ٿيندڙ قيدين جي ميزباني تي راضپو ظاهر ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب حماس ترجمان چيو ته کيس باضابطا طور تي تصديق ڪئي وئي آهي ته پاڪستان 15 فلسطيني قيدين جي ميزباني ڪندو.
حماس ترجمان جو چوڻ هو ته اسان ڳالهه تي پاڪستان حڪومت، پاڪستاني عوام ۽ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جا ٿورائتا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻو آهي ته پاڪستان رڳو ڀاءُ ناهي پر وڏو ڀاءُ آهي، جنهن جو اسان سان روحاني تعلق آهي، جيڪو سدائين القدس سان گڏ بيٺو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان آزاد ٿيندڙ فلسطيني قيدين جي ميزباني جي اڃا تائين سرڪاري سطح تي تصديق ناهي ڪئي.
پاڪستان اسرائيلي جيلن مان آزاد فلسطينين کي ملڪ ۾ رکڻ تي ضابطو ظاهر ڪيو آهي: حماس
You might also like