سنڌ پوليس ۾ هزارين ڀرتيون، گهرو وزير وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

 

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڏوهن جي ايف آءِ آر ضرور داخل ڪرايو، پوليس توهان کي تحفظ فراهم ڪندي.
ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته هندو برادري کي اقليت نٿا چئي سگهون، اسان هندو برادري کي هر قسم جو تحفظ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، لاڙڪاڻي اچڻ جو مقصد امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ هو.
هن چيو ته ايس ايس پيز واضح طور چئي ڇڏيو آهي ته ڪا سياسي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي، جن ماڻهن وٽ غير ضروري پوليس اهلڪار آهن، اهي سڀ واپس ورتا ويندا.
هن چيو ته اسان ون فائيو بدران ذوالفقار فورس ٺاهي رهيا آهيون، لاڙڪاڻي جي ذوالفقار فورس کي 50 موٽر سائيڪلون به ڏئي رهيا آهيون، ڪچي کي وڌيڪ فنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ پلان جوڙي ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پ پ قيادت سنڌ ۾ امن امان لاءِ هميشه سرگرم رهي آهي، پوليس جو ڪم ڏوهن جو خاتمو ڪرڻ آهي، جڏهن ڌاڙيلن کي ماريو ۽ گرفتار ڪيو ويندو ته هو ڪارروائيون تيز ڪندا آهن.
گهرو وزير چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، سنڌ جي عوام کي چوندس ته هو ڏوهن بعد ايف آءِ آر ضرور داخل ڪرائين، عوام نه ڊڄي، پوليس کين مڪمل تحفظ فراهم ڪندي.
ضياءُ الحسن لنجار وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس ۾ 50 هزار نون پوليس اهلڪارن کي ڀرتي ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.