2024 ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فون بابت دلچسپ حقيقتون پڌريون

دنيا ۾ 2024ع ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فون ڪو سستو اينڊرائيڊ فون نه پر ايپل جو آءِ فن 15 هو.
اِها دعويٰ سمارٽ فونز جي وڪرو جا انگ اکر جاري ڪندڙ ڪمپني Canalys هڪ رپورٽ ۾ ڪئي.
رپورٽ ۾ 2024ع ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فون بابت ڄاڻايو ويو آهي.
جاري ڪيل فهرست ۾ ڏهه کان ست سمارٽ فون ايپل طرفان تيار ڪيل آءِ فونز آهن، جڏهن ته ٽاپ ٿري سمارٽ فونز ايپل جا تيار ڪيل مختلف آءِ فونز هئا.
رپورٽ موجب، گذريل سال دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فون آءِ فون 15 هو جنهن جو مارڪيٽ شيئر مجموعي طور تي 3 سيڪڙو رهيو.
ٻئي نمبر تي به آءِ فون 16 پرو ميڪس رهي جيڪا سپٽيمبر 2024 ۾ متعارف ڪرائي وئي هئي، جڏهن ته آءِ فون 15 پرو ميڪس ان فهرست ۾ ٽيون نمبر والاريو آهي.
2024ع ۾ گليڪسي اي 15، آءِ فون 16 پرو، آءِ فون 15 پرو ۽ آءِ فون 16 ترتيبوار چوٿين کان ستين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فونز رهيون.
آءِ فون 13جي حصي ۾ ڏهون نمبر آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.