فيض حميد جون آرمي چيف سان رابطي جون ڪوششون، ٺپ انڪار

لاهور  (معظم فخر) 9 مئي جي واقعن جي پسمنظر ۾ جنرل فيض حميد خلاف بغاوت جو ڪيس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو آغاز ڪيو ويندو. هاڻي ٻن مختلف ڪورٽ مارشل تحت ڪارروايون ٿينديون، جيڪي اهم سياسي ۽ عسڪري معاملن تي اثر انداز ٿي سگهن ٿيون. ذريعن موجب، جنرل فيض حميد طرفان آرمي چيف سان سڌو رابطو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر انهن کي رد ڪيو ويو. هن سلطاني شاهد بڻجڻ جي آڇ ڪئي، ان سان گڏوگڏ، پي ٽي آءِ خلاف ثبوت فراهم ڪرڻ جي به آڇ ڪئي، پر انهن آپشنن کي به قبول نه ڪيو ويو. ان بابت کيس واضح پيغام ڏنو ويو ته ان جي ڪا ضرورت ناهي. جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ 32 يو ايس بيز تي ٻڌل رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ۽ جيڪڏهن اهي ئي يو ايس بيز آهن جيڪي جنرل فيض حميد جي گهر مان هٿ ڪيون ويون هيون، ته معاملو وڌيڪ ڳنڀير ٿي سگهي ٿو. ايندڙ هفتي دوران اسٽيبلشمينٽ کي اهم فيصلا ڪرڻا آهن، جن ۾ اهو به طئي ڪيو ويندو ته بغاوت جو ڪيس ڌار هلايو ويندو يا ساڳئي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويندو. پاڪستاني رياست دهشتگردي کي منهن ڏئي رهي آهي، خاص طور تي قلات جهڙا واقعا انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. ادارن موجب، پرڏيهي قوتون به اهڙن معاملن ۾ ملوث نظر اچن ٿيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ جڏهن "پراجيڪٽ عمران خان” هلايو پئي ويو، تڏهن به مخصوص عنصرن کي تيار ڪيو ويو هو، ۽ "سائفر” وارو معاملو عالمي راند جو حصو هو. هاڻي، رياستي ادارا حقيقي ڪردارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن. ڪيس جي اڳڀرائي مان لڳي ٿو ته هاڻي ان معاملي ۾ وڌيڪ دير نه ڪئي ويندي، ۽ جلد اهم ڪارروايون عمل ۾ آڻي سگهجن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.