ڪشمور(دليپ ڪمار ڪيسواڻي)ڪشمور جي ڳوٺ محمد بچل چاچڙ واسي نينگر سميت 2 ڄڻا طارق چاچڙ ۽ رحمت الله چاچڙ ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويا راجيش ڪيسواڻي سميت ڪشمور ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو، وارثن دانھيندي چيو ته مغوين کي ھٿياربند ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا آهن ڪشمور پوليس ٻنهي جي ڳولا ۾ مدد ڪري، ٻئي پاسي ڪشمور پوليس جو چوڻ هو ته نينگر سميت نوجوان جي اغوا ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي جاچ ڪئي پئي وڃي نوجوان جي موبائيل فون ذريعي مغوين جو جلد پتو لڳايو ويندو
-
ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني،پورهيت اغوا،والد زخمي
ڪنڌ ڪوٽ(ن ع آ) ڪنڌ ڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد دائود خان پل لڳ تنگواڻي روڊ تي ڏوھارين جي ٽولي شھر کان ڳوٺ طرف ويندڙ موٽر سائيڪل سوار مستري پورھيت نگر علي سھرياڻي کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري سندس والد شھمير سھرياڻي کي مزاحمت ڪرڻ تي زخمي ڪري فرار ٿي ويا.اهڙي واقعي بعد سهرياڻي برادري جا ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ زخمي شهمير سهرياڻي کي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. سهرياڻي برادري جا ماڻهو ڏوهارين پويان لڳي پيا جڏهن ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪري سگهي اغوا ڦرلٽ جي وارداتن بعد شهرين ۾ سخت خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. هوڏانهن ايس ايس پي زبير نظير شيخ جو چوڻ هو ته ڏوهارين پويان پوليس نفري بڪتربند گاڏيون ويل آهن مغوي بازياب ٿيندو ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪاروائي ٿيندي.