اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نون ججن ڪالهه کان ڪم شروع ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف وڪيلن پاران احتجاج ڪندي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس خادم حسين سومرو جي عدالت ۾ رڳو لا آفيسر پيش ٿيا، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل ججن جو استقبال ڪيو، صوبن مان ٽن ججن جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ منتقلي تي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي اپيل تي وڪيلن پاران جزوي هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ اڪثر ڪيسن ۾ وڪيل پيش نه ٿيا، هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ بار ججن جي بدلي جو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته پنهنجي پسند جا جج شامل ڪيا ويا آهن، سندن بدلي جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي، پنجاب بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين عرفان تارڙ ۽ چيئرمين ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فاروق ڊوگر ججن جي بدلي جي فيصلي کي ساراهيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻين صوبن مان منتقل ڪرڻ وفاقي ڪردار جي بحالي لاءِ اهم قدم آهي.