حيدرآباد(پ ر)سنڌھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدرثمرحيدرجتوئي چيو آھي ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ واري صورتحال ۾ زرعي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ سنڌجي زراعت کي تباھ ڪرڻ جي سازش آھي،اھوعمل انتھائي افسوس ناڪ آھي ان ٽئڪس سان سنڌ جاآبادگار ھاري تباھ ٿي ويندا اسان زرعي ٽئڪس کي رد ڪندي سنڌجي سمورن آبادگارن ھارين سميت آبادگارتنظيمن ۽سياسي سماجي ادبي تنظيمن کي اھا اپيل ڪريون ٿاته ان ٽئڪس خلاف گڏيل طور ڀرپور طريقي سان تحريڪ ھلائڻ لاءِ ھنگامي بنياد تي گڏيل صلاح لاءِ رابطو شروع ڪن اھڙو اظھارھن جاري ڪيل پنھنجي بيان ۾ ڪيو آھي،هن چيو ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي سنڌ ۾ زرعي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ تي افسوس جواظهار ڪريون ٿا اھو سنڌ سميت ملڪ لاءِ انتھائي ڏکيو عمل آھي. ھن چيوته حڪمران آءِ ايم ايف جي چوڻ تي عوام مٿان زبردستي فيصلا مڙھي عوام کي تباھي جي ڪناري پھچائڻ جي سازش ڪئي آھي معاشي پاليسيون جوڙي مھانگائي جا طوفان برپا ڪيو پيو وڃي، سنڌھاري ڪاميٽي ان زرعي ٽئڪس کي مڪمل طور رد ڪري ٿي سنڌجي زراعت مٿان ٽئڪس مڙھڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي سنڌ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سنڌجي زراعت پھريان ئي تباھي جي ڪناري تي بيٺل آھي اھا سنڌ جي زراعت خلاف وڏي سازش آھي ان زرعي ٽئڪس سان سنڌ ۾ ھارين آبادگارن جي حالت سنگين خراب ٿي ويندي