حيدرآباد ( پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهھ اياز لطيف پليجي آءِ ايم ايف جي چوڻ تي سنڌ ۾ زرعي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آھي ته ايندڙ وقت وڌيڪ سنڌ سميت ملڪ لاءِ ڏکيو آھي، نااھل حڪمران آءِ ايم ايف جي ايجنڊا تي ھلي عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙي مھانگائي جا طوفان برپا ڪري رھي آھي، اسان کي به سڀ کان پھرين پنھنجي خودمختياري، پنھنجا مفاد، پنھنجا ماڻھو ۽ انھن جي خوشحالي ۽ پنھنجي معيشت عزيز ھجڻ گھرجي پر افسوس جيڪي به حڪمران اچن ٿا،اھي ٻاھرين ڊڪٽيشنز تي ھلي ملڪ کي غلام بڻائي ڇڏين ٿا، اياز لطيف پليجي چيو ته آءِ ايم ايف جا مفاد اسان جي معيشت جي چيلهھ ڀڃي رھيا آھن، اسان کي پنھنجي آزاد خودمختيار پاليسيون جوڙي اڳتي وڌڻو پوندو،ٻاھرين ڊڪٽيشن کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ سان اسين ٻين ملڪن کان پوئتي آھيون،سنڌ جي زرعي معيشت جي تباھي جي ذميوار وفاق ۽ سنڌ حڪومت آھي.