ڏڦيڙ نه ٿا چاهيون، پاليسي تي نظرثاني ڪريو: عمران خان جو آرمي چيف کي خط

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي خط لکي ڇڏيو، اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو ته اسان ڏڦيڙ نه ٿا چاهيون، هي ملڪ ۽ فوج اسانجي آهي، عمران خان خط ۾ فوج ۽ عوام وچ ۾ فاصلن جا سبب بيان ڪندي لکيو ته فوج ۽ عوام ۾ فاصلو نه هجڻ گهرجي. ان ڪري هن آرمي چيف کي پاليسين تي نظرثاني جي درخواست ڪئي آهي، عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني پارٽي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم طور آرمي چيف کي 6 نڪتن تي ٻڌل خط لکيو آهي، خط ۾ پهريون نڪتو فراڊ اليڪشن ۽ مين لانڊررز کي کٽرائڻ بابت آهن، ٻيو نڪتو 26هين آئيني ترميم، قانون جي حڪمراني ۽ عدليا متاثر ٿيڻ تي آهي، جڏهن ته عمران خان القادر ٽرسٽ ڪيس فيصلي جو به حوالو ڏنو آهي، خط ۾ چوٿون نڪتو پي ٽي آءِ خلاف دهشتگردي جي ڪيسن، ڇاپن ۽ گوليون هلائڻ تي آهي، پنجون نڪتو انٽيليجنس ادارن جي ڪم بابت آهي، هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ خط ۾ چيو ته فوج روز قربانيون ڏئي رهي آهي، سڄي قوم فوج سان گڏ بيٺي آهي، عمران خان خط ۾ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪريڪ ڊائون ڪرڻ لاءِ پيڪا قانون آندو ويو، تنقيد  کي گهٽو ڏنو ويو، صحافين کي ڌمڪيون ڏيڻ سان سڄو نزلو فوج تي ڪِري رهيو آهي، ملڪي معيشت گوڏن ڀر بيٺي آهي، حڪومت رپئي جو قدر روڪي معيشت کي متاثر ڪيو آهي، فيصل چوڌري موجب عمران خان خط ۾ سيڙپڪاري گهٽ ٿيڻ، انٽرنيٽ بندش جو معاملو اٿارڻ سان گڏ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ ۽ پاليسيون تبديل ڪرڻ جي به درخواست ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.