زرعي ٽيڪس: سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ آهي

تحرير: اعجاز ممنائي

سنڌ جي معيشت بنيادي طور زراعت تي ٻڌل آهي ڇوته قدرت اسانجي سنڌ کي اهڙي آبهوا سان نوازيو آهي جو هتي هر فصل بهترين نموني ٿئي ٿو. ڪمند ڪپهه ڪڻڪ انب زيتون بصر، کجي مرچ مڪئي چانور ٽماٽا پالڪ جوئر ۽ ٻاجهر سميت ڀاڄيون ۽ ميوا ججهي مقدار ۾ ٿين ٿا ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ صوبو قدرتي طور تي 338 ڪلوميٽر ساحلي پٽيءَ سان مالا مال آهي. ان ۾ ناريل ۽ آئل پام سميت مربوط زرعي فصلن مان آمدني جي وڏي صلاحيت آهي. ان سان نه رڳو ساحلي علائقن ۾ خوشحالي آهي  پر ان سان پرڏيهي مٽا سٽا وارو ناڻو به ڪمائجي .

سنڌ جي ساحلي علائقي جي آبهوا اترئين علائقي کان منفرد ۽ ٿڌي آهي جنهنڪري آمدنيء وارن پوکن لاءِ تمام موزون آهي. انهن سنڌ جي علائقن ۾ ڪراچي، ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار ۽ عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعا شامل آهن.جڏهن ته سنڌ جي ٻين ۾ موسم اڪثر گرم رهي ٿي جتي ڪپهه ڪڻڪ جوئر ۽ چانورن کانسواِءِ ڪيتريون ئي ڀاڄيون ٿين ٿيون پر سنڌ سرڪار پاران بار بار فصلن جو اگهه گهٽائي هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي. مهانگائي ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهندي پئي وڃي، ٻج ۽ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪيو ويو،ان سان گڏ مهانگائي وڌڻ سبب هن سال ڪڻڪ وڙي ڪپهه جو اگهه وڌائڻ بدران ٻيڻ تي گهٽايو ويو، جنهن سبب هاري ۽ آبادگار پنهنجي محنت جي اجوري کان محروم ٿي ويا .جڏهن ته ڪمند جو ته سرڪاري اگهه ئي مقرر ناهي ڪيو،جنهنڪري هاري پنهنجي پوکيل ڪمند کي باهيون ڏئي ماتم ڪندي نظر اچن ٿا.

زراعت اسان جي معيشت جي ريڙهه جي هَڏي جي حيثيت رکي ٿي، پر هِن وقت زراعت شديد بحران جو شڪار آهي.پيپلز پارٽي سرڪار جو سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن جي مسئلن تي ذري جو توجهه به ڪونهي، ۽ نه سنڌ جي هارين جا مسئلا حل ڪرڻ جي ايجنڊا شامل آهي. حڪمران زراعت تي خاص ڌيان ڏيڻ بدران زرعي شعبو به غيرملڪي سرمائيدارن کي وڪرو ڪري رهيا آهن. جنھن سبب سنڌ ۾ ڀيانڪ ڏڪار پيدا ٿيڻ وارو آهي. مٿان وري  آءِ ايم ايف جي شرطن تي زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پارلياماني پارٽي کي زراعت تي ٽيڪس بابت قانون سازي کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تي زرعي ٽيڪس لڳائڻ ضروري آهن.سيد مراد علي شاهه اسيمبلي ميمبرن کي ٻڌايو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه زرعي ٽيڪس بابت قانون سازي ڪري چڪا آهن پر ياد رکو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ زراعت جو حال حشر ايترو خراب ناهي، جيترو سِنڌ ۾ آهي هِڪ طرف سِنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو آهي. بجلي مهانگي ٿي وئي آهي. تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. ٻج ۽ ڀاڻ مهانگا ٿي ويا آهن ته ٻئي طرف هارين ۽ آبادگارن کي زرعي جنسن جو مناسب اگهه نٿو ملي مٿان وري زرعي ٽيڪس بابت قانوني مسودي جي منظوري ڏني وئي آهي .جيڪا هارين ۽ آبادگارن سان ناانصافي هوندي.

گذريل سال ڪڻڪ جي موسم هئي ۽ سِنڌ ۾ بهترين فصل لهي رهيو هو ، پر سرڪاري خريداري مرڪز نه کولڻ سبب هاري ۽ آبادگار کُليل مارڪيٽ ۾ پنهنجي قيمتي ڪڻڪ ٽڪي مُلهه وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا. ڳالهه رُڳو ڪڻڪ جي هجي ته ماٺ به ڪري ويهجي. ڪمند جي آبادگارن سان جيڪو حشر ڪيو ويو، اُهو به اسان جي سامهون آهي. ڪمند جي آبادگارن کي تمام گهٽ اگهه ڏنو ويو.سارين جي موسم اچي ٿي ته اُنهن جو به اگهه ڪِري پوي ٿو ائين ڀاڄين اگهه ايترا ڪيرايا وڃن ٿا جو هاري ٻج ڀاڻ ۽ دوائن جو خرچ به نه ٿا ڪڍي سگهن. مطلب ته هڪ طرف هارين کي پوکيل فصل جو مناسب اگهه نه پيو ملي ۽ ٻئي طرف وري ٽئڪس لڳائڻ سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ هڻڻ برابر آهي.هن وقت زراعت کي بچائڻ جي ضرورت آهي. زراعت ئي اسان جو اُهو زيور آهي، جيڪو معيشت ۾ سڀ کان وڌيڪ قيمتي ۽ اهم آهي. حڪومت کي اُن حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وقت تائين سرڪار جي عدم توجهه سبب سِنڌ جي زراعت تباهه ٿي  آهي ۽ اڃا اڳيان وڌيڪ تباهه ٿيندي نظر اچي ٿي. جيڪڏهن سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ته پوري ملڪ اندر بک بدحالي ۽ ڏڪار پيدا ٿيندو جنهن جي زميواري سنڌ حڪومت تي لاڳو ٿيندي.

هِڪ طرف سِنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو آهي. بجلي مهانگي ٿي وئي آهي. تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. ٻج ۽ ڀاڻ مهانگا ٿي ويا آهن ته ٻئي طرف هارين ۽ آبادگارن کي زرعي جنسن جو مناسب اگهه نٿو ملي مٿان وري زرعي ٽيڪس بابت قانوني مسودي جي منظوري ڏني وئي آهي .جيڪا هارين ۽ آبادگارن سان ناانصافي هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.