سياسي فڪر جي تاريخ

تحرير: مشتاق ميراڻي

         ( ٻيو ۽ آخري حصو)

جاڳرتا جو دؤر (Enlightenment)

انگلينڊ ۾ اڳتي هلي گهرو ويڙهه 1642 کان پوءِ 1688 ۾ شاندار انقلاب (Glorious Revolution) ۾ عوامي حڪمراني (Power of Parliament) تي پڄاڻي ڪئي. ارڙهين صدي ۾ (1748) ۾ ڊي مونيسٽيڪو، آئين ۾ طاقت جي ورڇ (Distribution of Power) جو خيال پيش ڪيو، جنهن مطابق قانونسازي، حڪمراني ۽ آئيني طاقت جي ورڇ ڪئي ته جيئن انهن ٽنهي طاقتن جي وچ ۾ احتساب موجود رهي. اڄ جيترا به جمهوري آئين آهن انهن ۾ هي نقطو آئين جي بنيادي محرڪن مان هڪ آهي.

سماجي معاهدي جي فڪر کان متاثر ٿي ارڙهين صديءَ ۾ ئي آمريڪي انقلاب (1776) ۽ فرانسيسي انقلاب (1789) ۾ آيو. آمريڪي انقلاب جو مرڪزي خيال آزاديءَ جي پڌرنامي ۾ زندگي، آزادي، ۽ خوشيءَ جي تلاش جي(Life, Liberty, and Pursuit of Happiness) فلاسافي ۾ ڏنو ويو ۽ فرينچ انقلاب ۾ آزادي، برابري، ۽ ڀائيچارو (Liberty, Equality, and Fraternity) جو شاندار پيغام سياست ۾ شامل ڪيو.

جديد دؤر

19هين صديءَ ۾ سياسي فڪر ۾ اڃا وڌيڪ سڌارا آيا، جنهن ۾ خاص ڪري برطانيه جي ڏاهي جيري بينتهم(Utilitarianism)  فائدي جو نظريو پيش ڪيو ۽ ان جو هي پيغام اڄ تائين ليکيو ويندو آهي، هن جڳ مشهور جملي ((Greatest Happiness of the Greatest People ذريعي ۽ ساڳي ئي  ملڪ جي فلاسافر جان اسٽوارٽ مل انساني آزاديءَ کي مٿاهون رکڻ لاءِ هن آزاديءَ جي ڪتاب (On Liberty) جي ذريعي آزاد خياليءَ جي فلاسافي کي مشهور ڪيو. جيئن ته انگلينڊ ۾ صنعتڪاري جو دؤر شروع ٿيو ان ۾ پورهيتن جو استحصال شروع ٿيو ۽ ان استحصال کي نظر ۾ رکندي ڪارل مارڪس پنهنجو (Socialist) نظريو ڏئي سياسي فڪر ۾ ڄڻ زلزلو پيدا ڪيو. مارڪس، فريڊلڪ اينگل سان گڏ تاريخ، معيشت، سياسي فڪر، سماجيات، ۽ انساني نفسيات جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو. انهن مفڪرن سماجي معاهدي جي نظريي کي رد ڪري طبقاتي جدوجهد ذريعي سياسي نظام جي تشريح ڪئي ۽ معاشي برابريءَ لاءِ ڪميونسٽ پڌرنامو دنيا جي اڳيان پيش ڪيو. هن نظريي کان متاثر ٿي (1917) ۾ روس ۾ ڪميونسٽ انقلاب آيو. ان وقت دنيا جي وڏي ۾ وڏي ملڪ چين ۾ به (1949) ۾ به ڪميونسٽ انقلاب آيو.

20هين صديءَ ۾ ٻه وڏيون عالمي جنگيون لڳيون. پهرين عالمي جنگ ۾ اٽڪل ٻه ڪروڙ ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻئين عالمي جنگ ۾ اندازً 8 ڪروڙ ماڻهن جو قتل ٿيو. هن صديءَ ۾ ترڪيءَ جي عثمانيه، انگلينڊ، بيلجيئم ۽ فرانس ۾ سامراجي تسلط ختم ٿيو.

1945ع ۾ گڏيل قومن جو ادارو ٺاهيو ويو شروعات ۾ ان جا بنيادي ميمبر مُلڪ 51 هيا پوءِ اُهي اڳتي وڌي 193 ميمبر ملڪ آهن. اقوامِ متحڊه جي چارٽر ۾ حق خوداختياري تسليم ٿيو ۽ سامراجيت هيٺ غلام قومن آزادي ورتي. سامراجي نظام ۾ جيڪي ملڪ غلام هيا اُتي قوم پرستيءَ جي بنياد تي آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي ۽ ڪيترن ئي ملڪن آزادي ورتي. هن ئي صديءَ ۾ جمهوريت جي ذريعي سوشلزم جو جنهن کي سوشل ڊيموڪريسي چيو ٿو وڃي. ٻي عالمگير جنگ کانپوءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ترقي جو عمل شروع ٿيو. جنهن ۾ پهرين نارڊڪ ملڪ، جنهن ۾ سوئيڊن، ناروي، ڊينمارڪ، فنلينڊ ۽ آئيسلينڊ، ٻيو جرمني، ٽيون فرانس، چوٿون ڪينيڊا ۽ پنجون هالينڊ شامل آهن.

انساني حقن جي تحريڪ

ايران جي شهنشاھ سائرس (580-530 ق-م) ۾ پهريون دفعو انساني حقن کي هڪ تختيءَ تي اُڪرائي پنهنجي راڄ ۾ واضح ڪيو جنهن کي سائرس سلينڊر به چئبو آهي جيڪا هاڻي اقوامِ متحڊه ۾ اها تختي پيل آهي. ان کان پوءِ انگلينڊ ۾ Bill of Rights پارليامينٽ منظور ڪيو. اڳتي هلي فرانس جي انقلاب جي دوران Bill of Rights of Man منظور ڪيو ويو. ائين انساني حقن جو سفر آمريڪا ۾ 14 ترميم جو تسلسل رهيو ۽ آخر اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبلي 10 ڊسمبر 1948ع ۾ Universal Declaration of the Human Rights ۾ ان جو حصو ٿيا جنهن کي 48 ملڪن منظور ڪيو ۽ اڄ 193 ميمبر ملڪ ان کي قبول ڪري چڪا آهن. انساني حق سياست جي بنيادي مقصدن ۾ شامل آهن.

سياست جو سياسي نظرين ۾ تبديل ٿيڻ

هن صديءَ ۾ ئي سياست، سياسي نظرين ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن ۾ روايت پسندي (Conservatism)، آزاد خيالي (Liberalism)، سوشلزم (Socialism)، قوم پرستي (Nationalism)، ماحوليات (Environmentalism)، ۽ عورتن جي برابري (Feminism) شامل آهن.

سياست جا مقصد

بهترين سياست شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪري ٿي. انهن جي آزادي ۽ انساني حقن جو تحفظ ڪري ٿي ۽ عورتن سميت انهن جي سماجي ۽ معاشي برابري مهيا ڪري ٿي. هن قسم جي سياست سماج ۾ آئيني ۽ قانوني حڪمراني قائم ڪري ٿي. شهرين کي خوشحالي ۽ خوشي فراهم ڪري ٿي. بهترين سياست عالمي سطح تي ٻين قومن سان گڏجي امن قائم ڪرڻ ۾ حصيدار ٿئي ٿي ۽ موسمي تبديليءَ کان وٺي هر قسم جي انتها پسنديءَ جو خاتمو آڻي ٿي.

بهترين سياست ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊ ذريعي عوام جي صحيح نمائندن کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن سياست جو مثال فنلينڊ، جاپان، ناروي، ڊينمارڪ ۽ ٻين ملڪن ۾ ڏسي سگهون ٿا. جيئن ته سياست هر وقت تبديل ٿيندي رهي ٿي پر ان جا هي مقصد مستقل طور رهن ٿا.

پڄاڻي

اٽڪل (4000) چار هزار سالن کان سياسي فڪر جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سياست هڪ تخليقي عمل آهي ۽ وقت سان گڏ ان ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي، مثلاً همورابي کان وٺي پهرين ئي قانون کي اهميت هئي پر پوءِ سقراط، افلاطون ۽ ارسطوءَ جي سوچ مطابق سياست عوام کي انصاف ڏئي ٿي ۽ اڳتي هلي ٿامس هابس ۽ جان لاڪ جي فڪر مطابق سياست سماجي معاهدي جو بنياد وجهي ٿي ۽ ائين ئي برطانيه جو شاندار انقلاب، آمريڪا جو انقلاب ۽ فرانس جي انقلاب ۾ نه صرف عوام ان جو محور آهي پر انهن جي حقن کي به محفوظ ڪري ٿي.

19هين ۽ 20هين صديءَ ۾ سياست ۾ قومن جي خودمختياري ۽ جمهوريت شامل ٿئي ٿي ۽ هن وقت صحيح سياست انصاف، انساني حق، خوشحالي ۽ هر قسم جي برابري جو موقعو فراهم ڪري ٿي. سياست صاف ۽ شفاف چونڊن ذريعي بهترين سياسي اڳواڻن کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪري ٿي. ان ڪري اسان سڀ شهري سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي پاڻ ۽ پنهنجي خاندان لاءِ سلامتي، خوشحالي ۽ خوشيءَ جو موقعو پيدا ڪيون.    (همسري مئگزين جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.