ٽالپر وڏا ۽ ڀرپاسي ۾ سوين ايڪڙ زمين بنجر بڻجڻ لڳي

تحرير: ممتاز علي اوٺو

ٽالپر وڏا ۽ ڀر پاسي ۾ سم ڪلر ۽ وڌندڙ پاڻي جي عذاب کان ڳوٺاڻن کي نجات ڪير ڏياريندو ڪير لهندو سار هنن بي يارو مددگار ماروئڙن جي اسڪارپ کاتي توڙي سيپڪو سيٺارجا وارن جا ستم ۽ بي رُخيون به ڪنهن کان ڇپيل ڍڪيل ناهن.سم جي پيٽ ۾ آيل سوين ايڪڙ زمين تي ٻڌل هي سمنڊ جو ڏيک ڏيندڙ سم جهڙي عزاب کان ڪير بچائيندو سم ۽ ڪلر سبب هتان جي مسڪينن ماروئڙن جون هزارين ايڪڙ زمينون ناڪارا بڻجي  چڪيون آهن هڪ سروي رپورٽ مطابق سم ۽ ڪلر سنڌ جو هڪ ڳڻتي جوڳو مسئلو آهي جنهن سان  زرعي زرخيز زمين ۽ فصلن جي پيداوار شديد متاثر ٿئي ٿي.

سنڌ پاڪستان جي زرعي زمين جو %17 يعني 3.8 ملين هيڪٽر تي خريف ۽ ربيع جي فصلن ۾ شراڪتداري ڪري ٿو. جنهن مان %43 زمين تي روايتي سطح واري آبپاشي  جي ڪري سم جي ور چڙهي ٿي، %38.5 سنڌ جي زرخيز زمين سم جي ڪري گهٽ فصل ڏيندڙ ٿي چڪي آهي. %53 آبپاشي وارا علائقا سم ۽ ڪلر ڪري متاثر ٿيا آهن. %41 زرعي زمين اڇي ڪلر جي ڪري متاثر ٿي آهي.وڻن جي واڍي ٻيلا تقريباََ ختم  ڪري ڇڏيا آهن ڪڏهن سنڌ ٻيلن ۾ دنيا جي ڇهين نمبر تي هوندي هئي

سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ ، ٽيوب ويل نه هلائڻ ، ناڪاره هئڻ ڪري ،  سم نالن ۾ ڏاڍن زميندارن جي رڪاوٽ ڪري، ڪينالن ۽ درياهه جي ڪچي پڪي جي ڪمزور پشتن، رڪاوٽ ڪندڙ زميندارن جي ڏنل بندن ۽  ٻوڏن ڪم پورا ڪري ڇڏيا آهنجيڪڏهن ڪو سرڪار پاران مخلص ٿي انتھائي قدم نه کنيو ويو ۽ آبادگارن پاران آبپاشي جي پاڻي جو غلط استعمال بند نه ٿيو ۽ ٻيلي کاتي ۽ زميندارن ۽ سنڌ جي عوام پاران وڻ نه لڳايا ويا ۽ سنڀال نه ڪئي وئي ته پوءِ سنڌ جي زراعت جو روشن خواب ڏسندڙن  کي شايد الله نه ڪري ته تاريڪ مستقبل ڏسڻو پئجي وڃي.

ھن وقت سم ۽ ڪلر جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ صورتحال تمام خراب ٿيڻ شروع ٿي وئي آھي..

جيئن ئي ڊسمبر جو مھينو ايندو آهي ته پاڻي ۾ واڌ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي جنوري ۽ فيبروري جي آخر تائين  موسم ٿڌي ٿيڻ سبب سمن ۾ چاڙھ شروع ٿي ويندي آهي  ۽ سمن (ڍنڍن نه صرف پنھنجي بندن تائين اثر ڏيکارينديون آهن پر پري پري وارين  زمينن ۽ ڳوٺن آبادن تي به اثر اھڙا ٿيا جو اھي به سم جو ڏيک ڏين لڳيون آهن جيڪڏهن  ڀرپاسي جي ڌنڌن تي نظر وڌي وڃي ته ھڪ ٽالپر وڏا واري ڍنڍ ۽ ٻيو ڳاڙھي پير کان ڦھليل ڍنڍ آھي جنھن جي ھن وقت ڪا حد ئي ناھي.ڳاڙھي پير واري ڍنڍھي ڍنڍ جيڪڏهن ان نظر سان ڏٺي وڃي ته آس پاس جي علائقن ۾ ھي ھن وقت جي تمام وڏي ڍنڍ آھي جنھن جون حدون تمام وسيح ۽ ڏينھون ڏينھن قھلجندڙ آھن.ڍنڍ ھن وقت اولهه طرف کان ڪيترن ئي ڳوٺن کي سم ڪلر ۽ پاڻي جي لپيٽ ۾ ڪري  بيٺي آھي جنھن ۾ ڳوٺ حيدر خان رند بلوچ،ربن خان چنه ،حسن علي مھراڻي،يار محمد سوڌڙو،آلھورايو ملايو ،ڳوٺ ماڻڪ سيال،درياھ خان جويو،مدد علي سوڌڙو،مولا بخش بھڻ،گل.حسن خاصخيلي،۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ آھن جيڪي  ھن وقت ھن ڍنڍ جي سبب مڪمل تباھ آھن.

ھن ڍنڍ  ۾ سياري جي موسم ۾ ايترو ته چاڙھ ٿئي ٿو جو ڳوٺن جي وچ وارا رستا مڪمل بند ٿي وڃن ٿا.

ھتان جي عوام پنھنجي زمينن ۽ فصلن تان ته  ھٿ کنيو پر ھاڻي ھي ڳوٺ ۽ وسنديون به تباھ ٿيو وڃن ….اھڙي صورتحال ۾ به اسان جا ايم پي اي ۽ ايم اين ايز جو خاموش آھن ڇا ڪا خلائي مخلوق اچي عوام جا مسئلا حل ڪندي؟؟؟حد جي ايم پي اي ساجد علي ٻانڀڻ ۽ ايم اين اي فضل علي شاهه کي گهرجي ته پنهجي تڪ لاءِ اپاءَ وٺڻ پر افسوس سندن کان پنهجي تڪ جي عوام جي ڪم لاءِ ٽائيم ئي ناهي. جيئن اگر 2-3 ھزار ايڪڙ ايراضي ئي سم ٿي وئي ته پوءِ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ نئين سر بھتر بڻائڻ تمام مشڪل ٿي ويندو.

 

ٽالپروڏا جي ڳوٺن جي ڳالهه ڪجي ته ڳوٺ ٿيٻا ڳوٺ ابوپوٽا ڳوٺ ديندار شاھ ڳوٺ دودو خان خاصخيلي ڳوٺ گل محمد خاصخيلي ڳوٺ  پنجل چاڪراڻي ڳوٺ درمحمد چاڪراڻي ڳوٺ بگودڙو ڳوٺ پتافي ڳوٺ حبدار اڄڻ سميت سوين ڳوٺن جي رستن جهڙي بنيادي سهولت کي به ٻوڙي ڇڏيو آھي پاڻي هتان جي غريبن مسڪينن جي گهرن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو رستي ٻڏڻ سبب هتان جي رهواسين توڙي مال متاع کي به اچ وڃ ۾ بيحد مشڪلاتون پيش اچن ٿيون هڪ طرف سردي جي سبب پريشانين ۾ اضافوٿئي ٿو ته ٻئي طرف وڌندڙ پاڻي سبب انساني زندگيون مفلوج ٿي وڃن ٿيون.

ڳوٺاڻن جي ان پريشاني کي ختم ڪرڻ لاءِ سرڪار پاران قائم ڪيل پمپ اسٽيشن جنهن جي ذريعي پاڻي جو نيڪال ڪيو ويندو آهي پر افسوس جو ان پمپ اسٽيشن جو ڳوٺاڻن کي ڪوبه فائدو نه ٿي سگهيو آهي ان جو اهم سبب اسڪارپ کاتي جي اعليٰ توڙي عدنا ملازمن جي من ماني بي رُخي ۽ پنهنجي فرض ۾ لاپرواهي جهڙو عمل شامل آهي ڇو ته هو ان پمپ اسٽيشن کي سرڪاري نه پر پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي هلائن ٿا جڏهن سندن دل چوي ته هلائن ۽ جڏهن موُڊ نه هجي پوءِ ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي جو هلائن سڀ ڳالهيون پنهنجي جڳهه تي پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته ھن پمپ اسٽيشن کي هڪ وڏو جرنيٽر پڻ مليل آهي جنهن جي ملڪيت لڳ ڀڳ 50 لک آهي ته جينئن بجلي نه هجڻ جي صورت ۾ به وڌ کان وڌ پاڻي نيڪال ڪري سگهجي .

پر هتان جي انتظاميا جا بهانا ته ختم ٿيڻ وارا ئي ناهن ڪڏهن بجلي نه ھجڻ جو ته ڪڏهن تيل نه هجڻ جو بهانو خير بجلي جي ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي پر ڊيزل نه هجڻ جو بهانو سمجهه کان ئي ٻاهر آهي ته اهو ڊيزل پمپ اسٽيشن بجائي ڪيڏانهن ٿو وڃي جو جرنيٽر هميشه بند ئي نظر ٿو اچي خبر ناهي ته انهن سموري بنيادي سهولتن کان اڃا تائين ڳوٺاڻن کي محروم ڇو پيو رکيو وڃي هتان جا ڳوٺاڻا پنهجي نماڻي انداز ۾ ٻڌائن ٿا ته اسان پاڻ هلي وڃي انتظاميا کي ڪچي ننڊ مان وڃي بيدار ڪندا آهيون ۽ آگاھ ڪندا آهيون ته سائين بجلي آئي آھي هاڻي ته ڪا نظرِ رحم ڪيو ته اڳيان نهايت ڏکوهيندڙ جواب ملندو آهي ته اسان کي رات جو پمپ اسٽيشن هلائڻ جو آرڊر ئي ناهي.

افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته اهو آرڊر ان ڪري ناهي ته جيئن هتان جي مسڪين ڳوٺاڻن جا گهر ۽ رستا ٻڏي وڃن ته جينئن هتان جا رهواسي اڃان وڌيڪ تڪليفن کي منهن ڏين ۽ سندن زمينون سم ڪلر ۽ وڌندڙ پاڻي جي هيٺ ئي رهن ان مسڪين هارين جا ارمان هن ڪوڙي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ڪلراٺجي وڃن جيڪي اڄ به ان آس جي اوسيئڙي ۾ آهن ته ڪڏهن ته ڪو سُڪون ڀريو سج اُڀرندو جهنهن ۾ سم ۽ ڪلر کان ازاد زمين تي اُميد جو اهو ٻج پوکينداسين جيڪو صدين تائين هر زوال کان محفوظ رهي ۽ پنهجي اولاد کي روشن مستقبل جا سنهري خواب حقيقت ٿيندي ڏسون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.