صدر جج جي بدلي ٻي هاءِ ڪورٽ ڪري سگهي ٿو: عرفان صديقي

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 200 تحت صدر هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن به جج کي هڪ عدالت مان ٻي عدالت ۾ بدلي ڪري سگهي ٿو. سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن ججن آئين جي پاسداري جو حلف کنيو آهي ته ڇا آرٽيڪل 200 آئين جو حصو نه آهي؟ هن وضاحت  ڪئي ته ججن جي بدلي لاءِ جج جي رضامندي، چيف جسٽس پاڪستان ۽ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽس سان مشاورت لازمي آهي. عرفان صديقي سوال اٿاريو ته آئين جي واضح شق تي عمل ٿيڻ گهرجي يا ڪنهن خط کي اهميت ڏني وڃي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.