اسلام آباد(فخر دراني)بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جو چهرو کليل نموني واضح ٿي رهيو آهي،مئي 2012ع ۾ ليفٽيننٽ جنرل امتياز حسين آپگهات ڪيو هو جڏهن اهو واقعو رپورٽ ٿيو ته ان کي ڳجهارت قرار ڏنو ويو،هن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ عسڪري ويلفيئر ٽرسٽ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو،هن جي آپگهات بعد خاندان بيان جاري ڪيو ته جنرل ڪافي عرصي کان ڊپريشن جو شڪار هو،ذريعن موجب ملڪ رياض سان جنرل ڪياني جي دور ۾ فوج ڊي ايڇ اي ويلي،ڊي ايڇ اي فيز7 ۽ 8 جي حوالي سان زمينون وٺڻ جي حوالي سان معاهدو ڪيو هو،اهو معاهدو عسڪري ويلفيئر ٽرسٽ سان ٿيو هو،ملڪ رياض معاهدي تي پورو نه لٿو،100 ارب جي ان معاهدي تي عمل نه ٿيڻ تي اداري پاران جنرل (ر)امتياز تي سخت دٻاءُ هو،فوج اندر بعد ۾ اها ڳالهه هلي ته جنرل امتياز جي خودڪشي جو ذميوار ملڪ رياض هو،ملڪ رياض فوج کان ورتل پئسا واپس نه ڪيا هئا