ڪئنالن خلاف جسقم آريسر جي پنڌ مارچ جي ڀرياسٽي ۽ ڪنڊياري ۾ آجيان

ڀرياسٽي/ڪنڊيارو(مجيد ڪيريو+سومر گهانگهرو) سکر کان ڪراچي لاءِ نڪتل جسقم آريسر جو پنڌ مارچ ڀرياسٽي پهچي ويو ۽ مختلف پارٽين جسقم، مسلم ليگ فنڪشنل، جسم رياض چانڊيو جي ڪارڪنن عرفان ڏاھري،عالم بالادي،صديق جوڻيجو، خليل شر،فقير بشير  ڪيريو ۽ ٻين قافلي جي شاندار آجيان  ڪئي،اڳواڻن سرمد ميراڻي، اسلم خيرپوري ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو سنڌي ماڻھو سجاڳ ٿين وسيلن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن،هنن چيو ته سنڌو تي ڇهه ڪينال اڏي سنڌ جي زمينن کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،هوڏانهن پيرين پنڌ مارچ ڪنڊيارو پهتو جتي مختلف قو پرست پارٽين جي اڳواڻن هارون ڪلهوڙو،حبدار ميربحر ۽ ذوالفقار ملاح سميت ٻين قافلي جي آجيان ڪئي.ڪنڊياري ۾ اسٽار چوڪ وٽ قافلي کي خطاب ڪندي سارنگ جويو، سنڌو جويو، سورٺ سنڌو ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءَ سميت پنهنجا وسيلا بچائڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.