”ڊيپ سيڪ“ آمريڪا لاءِ”ڊيپ سيڪ“ آمريڪا لاءِ وڏو خطرو آھي ؟ وڏو خطرو آھي ؟

آمريڪا ۽ چين ھڪ ٻئي جا  روايتي حريف ملڪ آھن.ٻنھي کي ڪيترن ئي حوالن سان دنيا جي ٻين ملڪن تي سرسري حاصل آھي.ڪجهه وقت اڳ تائين اھو سمجھيو پئي ويو تھ آمريڪا ( آءِ ٽي) مصنوعي ذھانت جي ميدان ۾ اڳيان نڪري ويو آھي،پر تازو چين ھفتو کن اڳ  “جي پي ٽي چيٽ“ جي مقابلي ۾ “ڊيپ سيڪ“ کي لانچ ڪري آمريڪا سميت سڄي دنيا جي سيڙپ ڪارن کي ڌوڏي ڇڏيو آھي.چين جي ايپليڪيشن” ڊيپ سيڪ“  سان دنيا جي مالياتي منڊين ۾ وڏو ڌماڪو ٿيو آھي. ان ڪري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان کي آمريڪي ٽيڪ انڊسٽري لاءِ "خطري جو گھنڊ“ قرار ڏنو آھي.

ڊيپ سيڪ  دعويٰ ڪري ٿي ته ان جو مصنوعي ذهانت جي، ماڊل آر-1 ، سندس حريفن جي  ماڊلز جي مقابلي ۾ تمام گهٽ قيمت تي تيار ڪيو ويو آهي. ان دعويٰ سڄي صنعت جي مستقبل بابت سوال اٿاري ڇڏيا آهن ۽ دنيا جي ڪجهه وڏين ڪمپنين جي قيمت ۾ گهٽتائي بھ ٿي آهن.ڊيپ سيڪ  لانچ ٿيڻ  جي صرف هڪ هفتي  اندر آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ مفت ايپ بڻجي وئي آهي. ھاڻي اھم  سوال ھي آھي تھ،اھا ايپ اڳ ۾ ئي سگھاري۽ تمام مهانگين آمريڪي  ايپس، جھڙوڪ اوپن اي آءِ، چيٽ جي پي ٽي ۽ گوگل جي جيمينائي جي مقابلي ۾ ڪٿي بيٺي آهي ؟ ان جو جواب تھ ايندڙ وقت ئي ڏيندو.

چين جي تيار ڪيل مصنوعي ذهانت واري ايپ ڊيپ سيڪ جي وڌندڙ مقبوليت آمريڪا ۽ يورپ ۾ سيڙپڪارن کان ڇرڪ ڀرائي ڇڏيا آھن ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ان آمريڪا ۾ ٽيڪنالوجي جي وڏي ڪمپني اينويڊيا جي قيمت جو ڇهون حصو غائب ٿي چڪو آھي. جنهن جي قيمت 500 ارب ڊالر بڻجي ٿي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ ڊيپ سيڪ جي لانچ ٿيڻ جي فورن بعد ردعمل ۾ آمريڪي ٽيڪنالوجي انڊسٽري کي خبردار ڪيو  ته چيني ايپ کان پوءِ ھاڻي "اسان جي انڊسٽري کي سجاڳ ٿي وڃڻ  گهرجي”.

هن چيني ايپ کي "مثبت اڳڀرائي” قرار ڏنو ۽ چيو ته "آمريڪا ۾ سڀ کان وڏا سائنسدان آهن ۽ مون کي اھو چيني قيادت پاڻ ٻڌائي چڪي آهي“ ڊيپ سيڪ جي سومر واري ڏينھن لانچ ٿيڻ ۽  اوچتي مقبوليت کان پوءِ، مصنوعي ذهانت ڪمپنين جي وڏن نالن، مائيڪرو سافٽ گوگل، جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لاٿ ڏسڻ ۾ آئي آھي.

ٻئي طرف ڊيپ سيڪ چيو آهي ته اها عارصي طور تي پنهنجي رجستريشن محدود ڪري رھي آھي.جنھن جو سبب ان جي سافٽ ويئر تي وڏي پيماني تي حملن جو خطرو ڄاڻايو ويو آھي. هن چيٽ بوٽ جي اچڻ کان پوءِ آمريڪا جي مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾  برتري ، بالادستي۽ ان شعبي ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري بابت سوال کڙا ٿي رھيا آھن.صرف هفتو اڳ ئي اوپن اي آءِ سميت ٻين ڪمپنين جي هڪ گروپ آمريڪا ۾ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ 500 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو ھو. جنهن کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ ان کي ‘تاريخي سيڙپڪاري’ قرار ڏنو۽ چيو ھو تھ ”ٽيڪنالوجي جو مستقبل آمريڪا ۾ ئي رهندو“

ڊيپ سيڪ ڇا آهي؟

ياد رکڻ گهرجي ته ڊيپ سيڪ، جيڪا، هڪ AI چيٽ بوٽ آهي، ڪنهن به ٻئي  ۽ حريف ايپ جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻي سستي آهي ۽ گذريل هفتي لانچ ٿيڻ کان وٺي آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪيل ايپس مان هڪ بڻجي چڪي آهي.”ڊيپ سيڪ“ جي تياري ۾ اوپن سورس ڊيپ سيڪ وي 3 ماڊل جو ٻڌايو وڃي ٿو. تخليق ڪندڙن جي دعويٰ آهي ته اھا صرف ڇهه ملين جي لاڳت سان تيار ٿي آھي. جيڪا مقابلي ڪندڙ ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ اربين ڊالر سستي آهي.بھرحال ان دعويٰ تي بھ سوال اٿاريا پيا وڃن.

چيني ايپ جي  محققن جو چوڻ آھي تھ اهي دستياب ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪري رهيا آهن ۽ اهو ھڪ اھڙو سافٽ ويئر آهي،جنھن کي ڪو به مفت ۾ استعمال ۽ تبديل ڪري سگهي ٿو.هي پيس ريت اھڙي وقت ۾ ٿي رھي آھي جڏهن آمريڪا، جديد چپ ٽيڪنالوجي، جي  چين تائين رسائي ۽ وڪري کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ چين ۾ مصنوعي ذهانت تي ڪم ڪندڙ پاڻ ۾ تعاون ۽ تجربا ڪري رهيا آهن. ڪنھن سان اھڙا ماڊل سامهون اچي رهيا آهن جيڪي اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪمپيوٽنگ توانائي استعمال ڪن ٿا.انهن ايپس جي قيمت  گهٽ  ھئڻ ڪري ان شعبي ۾ هلچل مچي رهي آهي.

ڊيپ سيڪ جو باني ليانگ وينفينگ ڪير آهي؟

ڊيپ سيڪ ڪمپني 2023 ۾ ڏکڻ اوڀر چين جي شهر هانگزو ۾ ليانگ وينفينگ پاران قائم ڪئي وئي هئي.

40  سالن جو ليانگ انفارميشن ۽ اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ گريجوئيٽ آهي، جنهن ڊيپ سيڪ جي مدد لاءِ هڪ فنڊ پڻ قائم ڪيو. مبينا طور تي ھن  چين ۾ ھڪ  Avid A100 چپس جو هڪ اسٽور ٺاهيو. هاڻي چين کي اھي چپس برآمد ڪرڻ  تي پابندي آهي.ماهرن  موجب ھن وٽ 50 ھزار چپس موجود ھيون. جن کي ھن گھٽ لاڳت واري چپس سان جوڙي ڪري  ڊيپ سيڪ لانچ ڪئي.سستي چپس اڃا تائين چين کي درآمد ڪرڻ جي اجازت آهي.

ڊيپ سيڪ ڇا ڪري ٿي ؟

هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ڊيپ سيڪ آر 1 جي لانچ کان پوءِ، چيني ڪمپني دعويٰ ڪئي ته اها ڪمپيوٽنگ، ڪوڊنگ ۽ ٻين پهلوئن جي لحاظ کان جديد اوپن اي آءِ ماڊلز سان مقابلو ڪري سگهي ٿي.سليڪون وادي جي تجربيڪار سيڙپڪار ۽ ٽرمپ جي صلاحڪار مارڪ اينڊريسن ڊيپ سيڪ آر 1 کي مصنوعي ذهانت جو "اسپوٽنڪ” لمحو سڏيو، جيڪو 1957 ۾ سوويت يونين  پاران خلائي سيٽلائيٽ جي لانچ  ڏانھن اشارو ھو.

آمريڪي ڪمپنين کي ڪيئن نقصان ٿيندو ؟

آمريڪي اي آءِ چپ ٺاهيندڙ ڪمپني اينويڊيا جا حصا 16.9 سيڪڙو ۽  براڊ ڪام جاشيئرز 17.4 سيڪڙو گهٽجي ويا. گوگل جي  مالڪ ڪمپني الفابيٽ جا شيئرز چار ۽ مائڪروسافٽ جا شيئرز 2.14 سيڪڙو گهٽجي ويا.يورپ ۾، ڊچ چپ ٺاهيندڙ ڪمپني ASML جي  ماليت ست سيڪڙو گهٽجي وئي ۽ سيمنز انرجي، جيڪا مصنوعي ذهانت هارڊويئر ٺاهيندي آهي، ان جي ماليت گهٽتائي ڏٺي وئي.مارڪيٽ تجزيه نگارن موجب  سستي چيني ايپ مارڪيٽ کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ھي ايپ اي آءِ سيڙپڪاري جي پوري سپلاءِ چين تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي. وال اسٽريٽ بينڪ سٽي خبردار ڪيو آهي ته جيتوڻيڪ چيني ايپ آمريڪا ۾ دستياب ناهي،ان ھوندي ڪمپنين جي مستحڪم پوزيشن کي چئلينج ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.