سنڌ ۾ ۳۰ سرڪاري يونيورسٽين ۾ سنڌ سرڪار ھڪڙو قانون پاس ڪري رھي آھي جنھن جي اسيمبلي مان پاس ٿيڻ سان نان PhD ڪامورن جي وائيس چانسلر طور مقرري جي راه ھموار ٿي ويندي۔ ان مسئلي تي استاد تنظيمن شديد احتجاج شروع ڪيو آھي۔ سندن موقف آھي ته ايئن ڪرڻ سان ادارن جي خودمختياري متاثر ٿيندي ته ٻئي طرف يونيورسٽين جي ڪارڪردگي ويتر خراب ٿيندي۔ استاد تنظيمن جو وڌيڪ چوڻ آھي ته نه صرف پوري ملڪ پر سڄي دنيا ۾ اھي ماڻھو VC مقرر ٿيندا آھن جن جو تعليم ۽ تحقيق ۾ نمايان تجربو ھوندو آھي۔ ان ھلندڙ بحث ۾ ان وقت وڌيڪ تلخي پيدا ٿي جڏھن سنڌ جي وزيراعلي ھڪڙي تقريب کي خطاب ڪندي VCs جي ڪارڪردگي تي ڇتي تنقيد ڪندي انھن کي بدعنوان ۽ نااھل قرار ڏنو ۽ پنھنجو موقف ورجايو ته قانون ۾ ترميم ھر صورت ۾ ڪئي ويندي۔
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته يونيورسٽيون انتظامي مالي تعليمي ۽ تحقيقي ميدان ۾ شديد بحران جو شڪار آھن ۽ يقينن ان ۾ وائيس چانسلرن کي آجو قرار نه ٿو ڏئي سگھجي۔ پر ڇا سڄي صورتحال جا
زميدار صرف VCs آھن۔ ان کان پھريان ڏسڻو پوندو ته سنڌ سرڪار جو مجموعي رويو ڪيئن آھي۔ ان ڳالهھ کي ساراهڻو پوندو ته جڏھن وفاقي ھائر ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي مادرعلمين کي مالي گرانٽ ڏيڻ مان ذري گھٽ ھٿ ڪڍي وئي ته اتي سنڌ سرڪار ڪافي مالي واھر ڪري وھنوار ھلائڻ ۾ مدد ڪئي۔ پرساڳي وقت بدقسمتي سان VCs جي مقرري کان وٺي ڀرتين ۾ سياسي ۽ انتظامي مداخلت ڪري مادر علمين کي شديد نقصان پھچايو آھي۔ ضرورت کان وڌيڪ پنھنجا ماڻھو ڀرتي ڪرائي مالي لحاظ کان يونيورسٽين کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي۔ ترقياتي ڪمن۾ به سياسي ڀوتارن جي فرمائشن ۽ مداخلت جي ڪري ٿيندڙ ڪمن جو معيار به ڪريو آھي۔
ھاڻي اچو ته وائيس چانسلرز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺون۔ اصولن VC اداري جو نه صرف انتظامي تعليمي۽ مالي سربراھ آھي پر ان جو ڪردار ھڪ اھڙي شخص جو ھجي ٿو جيڪو سڀني معاملن ۾ ميرٽ کي يقيني بنائڻ وارو ھجي۔ پر اسان ڏسون پيا ته پنھنجا نوازي پسند نا پسند اختلافي آواز کي انتقامي ڪاررواين زريعي چيڀاٽڻ معمول بڻيل آھي۔ نتيجي ۾ خوف بي اطميناني ۽ خوشامد ڪرڻ وارو ماحول جڙي ويو آھي جنھن جو سڌو سنئون اثر تعليمي معيار ڪرڻ جي صورت ۾ ظاھر ٿيو آھي۔ وائيس چانسلر جڏھن ڏسي ٿو ته سياسي دٻاءُ وجھي جڏھن مون کان ڪم ڪرايا وڃن ٿا ته ان کي به ترغيب ملي ٿي ته وھندڙ گنگا مان مان به ھٿ صاف ڪيان ايئن ھڪڙو سرڪار ۽ وائيس چانسلرز جو nexus ٺھي وڃي ٿو۔ استاد تنظيمون الڳ پنھنجو پريشر گروپ ٺاھي VCs کي مجبور ڪري پنھنجا جائز ۽ ناجائز ڪم ڪرائن ٿيون۔ تنھن جي ڪري ان سڄي صورتحال جو زميوار ڪنھن به ھڪ فرد کي قرار نه ٿو ڏئي سگھجي.
نيٺ ڇا ڪجي
ھڪ ٻئي تي الزام تراشي ڪرڻ بجاءِ ھڪڙي سنجيده ويھڪ جي ضرورت آھي جنھن ۾ سڀئي واسطيدار ڌرين کي ويھي ھڪڙو جامع حل ڪڍڻ جي ضرورت آھي ته جيئن مادر علمين کي ھن ڌٻڻ مان ڪڍي سگھجي۔ ان سڄي عمل ۾ سڀني کان وڌيڪ زميواري بھرحال سنڌ سرڪار جي آھي۔ سنڌ سرڪار کي اھو ڏسڻو پوندو ته ڪامورن جي ڪارڪردگي ۾ به ٻين شعبن وانگر تنزلي آئي آھي۔ اھوئي سبب آھي جو وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراھي ۾ ھڪڙي ڪميٽي ٺاھي وئي آھي جيڪا سول سروس اسٽرڪچر ۾ تبديليون تجويز ڪندي ته جيئن ان کي جديد تقاظائن تحت بھتر بڻائي سگھجي۔ اھو عمل خود ان ڳالھه جي نشاندھي ڪري ٿو ته ڪامورن جي ڪارڪردگي اطمينان بخش ناھي۔
ان صورتحال ۾ ڪامورن جي يونيورسٽين ۾ اچڻ سان ڪنھن به لحاظ کان بھتر نتيجا ڪونه نڪرندا۔ حڪومتي ضد سان ان خيال کي هٿي ملي ٿي ته سول بيوروڪريسي کي VCs مقرر ڪرڻ جي پويان سياسي مصلحتون لڪل آھن ته جيئن ٻين ادارن وانگر پنھنجا منظور نظر ماڻھو رکي مادرعلمين تي سڌو ڪنٽرول قائم ڪجي۔ منھنجي ناقص راءِ مطابق ڪجهھ ھيٺيان قدم کڻي صورتحال کي بھتر بڻائي سگھجي ٿو۔
۱۔ وائس چانسلرن جي مقرري ڪرڻ واري سرچ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي جنھن جا ميمبر تعليم ۽ تحقيق جا ماھر پر غيرسرڪاري ادارن مان ھجن ۽ وي سيز جا انٽريوز وڊيورڪارڊ ڪيا وڃن۔
۳۔ تقرري جو معيار مقرر ڪرڻ لا۽ سڀني واسطيدار ماڻھن جي ڪميٽي ٺاھي طي ڪيو وڃي ته مقرري لا۽ ڪھڙي اھليت ھجڻ ضروري آھي۔
۳۔ سرڪار سياسي عزم ڏيکاري ته ڪنھن به قسم جي سياسي مداخلت نه ڪئي ويندي ته جيئن مادرعلميون آزادي سان بھتري طرف اڳتي وڌي سگھن۔
۴۔ چار سالن جو مدو پورو ٿيڻ سان ڪنھن جي مدي ۾ واڌ نه ڪئي وڃي۔ جيڪڏھن ڪو VC اڃان خواھشمند آھي ته وري سرچ ڪميٽي ۾ پيش ٿئي۔
۵۔ يونيورسٽين جا مالي خرچ پبلڪ ڪيا وڃن ت جيئن شفافيت کي يقيني بڻائجي۔
٦۔ چئن سالن جي مدي ۾ جيڪڏھن ڪنھن VC تي سنگين بيقاعدگين جو اطلاع ھجي ته ھڪڙي مستقل ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جنھن کي VC کي ھٽائڻ جو اختيار ھجي ۽ ان ڪميٽي جي فيصلي کي آئيني حيثيت حاصل ھجي۔
۷۔وائيس چانسلرز کي مينيجمينٽ جا ڪورس ڪرايا وڃن ته جيئن ھو پنھنجي انتظامي صلاحيتن کي بھتر ڪري سگھن۔
ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سرڪار پنھنجي انا کي ڇڏي سسٽم کي بھتر ڪري ته جيئن اسان جون يونيورسٽيون ملڪ ۽ سماج ۾ پنھنجو بھتر ڪردار ادا ڪري