ميروخان (رپورٽ: صفدر علي تنيو ) ميروخان لڳ ڳوٺ محبوب جو بنگلو ۾ عوام ۾ پنھنجن حقن جي ڄاڻ بابت شعور /ڏسو صفحو 7 ڪالم 1
پيدا ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس سانگي فائونڊيشن پاڪستان جي باني چيئرمين سردار ظفر حسين سانگي پاران ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جي ڊي اي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي، معظم علي عباسي، مسلم ليگ ( ن ) يوٿ ونگ سنڌ جي صوبائي صدر مير ھمايون خان مغيري، پي ٽي آءِ قمبر شھدادڪوٽ جي ضلعي صدر سردار محمد علي ھڪڙو، پيپلز پارٽي اڳواڻ منور علي منگي سميت مختلف مڪتبي فڪر سان تعلق رکندڙ مزدورن پورھيتن ھارين ۽ علائقي جي رھواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪانفرنس ۾ آيل ماڻھن کي آجياڻي دوران خطاب ڪندي سردار ظفر حسين سانگي ٻڌايو ته ڪافي عرصي کان اسان جي سوشل جدوجھد جاري آهي جنهن ۾ اسان غير سياسي طور تي عوام ۾ سجاڳي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، رياض چانڊيو ، ڊاڪٽر صفدر عباسي، معظم عباسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان درياهه بچايو تحريڪ جو حصو آھيون، 91 واري پاڻي ٺاھ کي 35 سال گذري چڪا آهن تڏهن کان ڪڏهن به سنڌو کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه مليو آهي، ٺاھ مطابق ڪوٽڙي، سکر بيئراج کي پاڻي نه ٿا ڏيو ته ڪئنالن جي ميگا منصوبي لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ظاهر آهي ته اھو سنڌو جي پڇڙي جو پاڻي کسيندا، پنجاب ۽ وفاق جي اھڙي ڪنهن به فيصلي کي سنڌ قبول نه ڪندي، پ پ پنهنجي اقتدار کي ڊگھو ڪرڻ، پنهنجي ڪرپشن ۽ ڏوھ لڪائڻ لاءِ سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن کي معاشي طور بدحال ڪرڻ جي سازش ڪري رھي آهي.