ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ميڙاڪا، سنڌ ۾ قانون بدران فردن جي حڪمراني آهي: قادر مگسي

ڪنڌڪوٽ/ ڪشمور/ اوٻاوڙو  (نمائندا) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ عوامي جلسن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بربريت جو راڄ آهي،  قانون جي حڪمراني بدران طاقتور فردن جو حڪم هلي ٿو جنهن سبب غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي انصاف نٿو ملي. هڪ سازش تحت سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ کي هٿي ڏئي عوام کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف شروع ڪيل "سنڌ اسان جي ماءُ، سنڌو اسان جو ساھ” جي سري هيٺ جاڳرتا مهم جو قافلو ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ڪشمور، گڊو مان ٿيندو ڪنڌڪوٽ پهتو،  ايس ٽي پي چيئرمين ڪشمور، گڊو ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ گڏ ٿيل عوامي ميڙن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جا حڪمرانن کي عوام جي مسئلن، ڏکن ۽ اهنجن سان ڪو سروڪار نه آهي هنن کي صرف اقتدار سان پيار آهي. جنهن ڪري سنڌ اندر هن وقت بدامني جو راڄ آهي عوام جي عزت جان مال محفوظ ناهي. ڪو ماڻهو قتل ٿيو وڃي ته ان جي ايف آئي آر داخل نٿي ڪئي وڃي. جنهن جو مثال اسان جي اڳيان سانگهڙ واري واقعي جو آهي. ڇاڪاڻ سنڌ ۾ قانون بدران فردن جي حڪمراني آهي نتيجي ۾ عوام ويچارو بي يارو مددگار بڻيل آهي. هن چيو ته زندگي موت ﷲ جي هٿ ۾ آهي انڪري پنهنجي دلين مان خوف ختم ڪري هن بربريت ۽ لاقانونيت خلاف پنهنجو آواز بلند ڪريو. ايس ٽي پي سربراه چيو ته سنڌ خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن ۾ پ پ پ برابر جي شريڪ آهي جيڪا وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ساٿاري بڻيل آهي. هن وقٿ هڪ پاسي سنڌين کان سندن زمين کسي پئي وڃي ته ٻئي پاسي سنڌو درياءِ کي سڪائڻ جي لاءِ ڪئنال جوڙيا پيا وڃن. ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ جي تاريخي جدوجهد کان پوءِ هنن سنڌو کي سڪائڻ جي لاءِ وري ڪئنالن جو منصوبو آندو آهي جيڪو ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو اسان ان لاءِ هي قافلو وٺي توهان شهرن ۾ آيا آهيون ته هاڻي جاڳو پنهنجي سنڌو درياءَ جي وارثي ڪيو. جيڪڏهن اسان سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺهي ويا ته سنڌ اجتماعي قبرستان بڻجي ويندي. هن عوام کي اپيل ڪندي چيو ته 24 فيبروري تي حيدرآباد ۾ لکين سنڌ گڏ هن سنڌ دشمن منصوبن خلاف آواز اٿاري انهن کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيندا، ان موقعي ايس ٽي پي جي سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو ، نثار ڪيريو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ٻي پاسي ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي پريس بيان ۾ سانگهڙ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سانگهڙ ۾ قتل ٿيندڙ ڳوٺاڻن جي وارثن جي مرضيءَ مطابق ايف آئي آر داخل نه ٿيڻ خلاف جاري احتجاج سنڌ حڪومت جي لاءِ شرم ڏياريندڙ آهي. وارثن کي پنهنجي مرضي مطابق ايف آئي آر داخل ڪرائڻ جو قانوني حق آهي پر جمهوريت جي دعويدار حڪمرانن قانون کي پاسي تي رکي  خود تماشائي بڻيل آهي. جيڪو نه صرف  سندن بي حسي کي ظاهر ڪري ٿي. پر قانون ۽ جمهوريت سان مذاق آهي جيڪو بند ٿيڻ گهرجي. هن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته فوري چوٽياريون ۾ ٿيندڙ واقعي جي ايف آءِ آر قتل ٿي ويندڙ ڳوٺاڻن جي مرضي مطابق ڪٽي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.