ملڪ رياض خلاف ايف آئي اي به سرگرم، ريڊ وارنٽ جون تياريون

اسلام آباد(طلعت حسين) اخباري خبر مطابق ملڪ رياض کي دبئي مان پاڪستان آڻڻ لاءِ  ڪوششون شروع ٿي ويون  آهن . نيب کان پوءِ ايف آئي اي به سرگرم ٿي وئي آهي ۽ ملڪ رياض ۽ ان جي پٽ کي جيڪي ٻئي پاڪستان اندر گهربل آهن انهن جي واپسي لاءِ  ريڊ وارنٽ  وسيلي ۽ يو اي اي ۽ پاڪستاني سرڪار جي ٿيل معاهدي مطابق کين واپس آڻڻ لاءِ ڪوشش شروع ٿي وئي آهي ٽن ڏهاڪن دوران ريئل اسٽيٽ ۾ گهٽ رياست کي ڪيپچر ڪرڻ جو ڪم ملڪ رياض گهڻو ڪيوآهي. ملڪ رياض جي ٽيهن ورهين جي ماڻهن تي ڪيل سيڙپڪاري سبب هو سمجهي ٿو بچي ويندو پر اسٽبلشمنٽ طئي ڪري ورتو آهي ته مٿس ڪنهن جي به ڇپر ڇانوهجي کيس نه بخشيو ويندو. ميب ، ايف آئي اي کان پوءِ گهرو وزارت  جو مرحلو به آهي ان کان علاوه يو اي اي سان پاڪستان جا اسٽريٽجڪ لاڳاپا به آهن.. ملڪ رياض ڪوشش ڪندو ته ملڪ اندر عدالتي ، سياسي يا صحافتي طور تي اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن جو  هتان وارن کي پنهنجي سر جي لڳي وڃي ۽ سندس بچت ٿئي. مذهبي تنظيمن ۾ به سندس وڏي سيڙپڪاري آهي  سو ڏسڻو پوندو ته پي پٽ جي گرفتاري کان پوءِ ڪهڙا بيان ٿا اچن.اهو به ڏسڻو پوندو ته هن وٽ جيڪي ٽيهن ٽيهن سالن جا راز آهن اهي ڪيترا ٿا پڌرا ٿين.

  1. نيب جو ملڪ رياض جي حوالگي لاءِ گڏيل عرب امارات سان رابطو 

قومي احتساب بيورو (نيب) ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي ملڪ کي گڏيل عرب امارات مان وطن واپس آڻڻ جو عمل شروع ڪري  ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب معاملي کان واقف نيب ذريعن اڱاري تي ٻڌايو ته پراپرٽي ٽائيڪون کي بين الاقوامي اينٽي مني لانڊرنگ قانون ۽ ويانا ڪنوينشن تحت يو اي اي مان نيڪالي ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.