قمبر ( ن ع آ ) قمبر پ پ ايم پي اي نواب سردار چانڊيو جي سرپئنچي ۾ 2024 جي عام چونڊن دوران جهيڙي ۾ مارجي ويل ٽن ڄڻن جي قتل جو نبيرو غيبي ديرو هائوس قمبر ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ چانڊيا ۽ ڏاهاڻي برداري جي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ کانپوءِ ڌرين مٿان مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 30 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جن مان ڏاهاڻي برداري مٿان جهيڙي جي اڳرائي جا 10 لک رپيا ۽ هڪ خون جا 30 لک ۽ پوليس عملدار جي خون جي اڌ رقم 20 لک ۽ هڪ زخمي جا 10 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته چانڊيا برادري مٿان به هڪ خون جي رقم 30 لک ۽ پوليس عملدار جي خون جي اڌ رقم 20 لک ۽ هڪ زخمي جي 10 لک رپيا ڏنڊ چٽي مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته آئنده اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان هڪ ڪروڙ رپيا پڻ ڏنڊ مقرر ڪرڻ جي فتويٰ ڏني وئي، جنهن کانپوءِ ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو، ياد رهي ته چانڊيا ۽ ڏاهاڻي برداري جي وچ ۾ هي خوني جهيڙو لاڙڪاڻي ۾ عام اليڪشن دروان جلسي ڪرڻ جي معاملي تان پيش آيو هو، جنهن ۾ ٽي ڄڻا محمد حسن چانڊيو، عمران ڏاهاڻي ۽ هڪ اي ايس آءِ سلطان شاهه قتل ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جن مان 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا هئا، هن سرپئنچي ۾ ايم اين اي رفيق احمد جمالي، سردار تيغو خان تيغاڻي، معظم عباسي، علام راشد محمود سومرو، قومپرست اڳواڻ رياض چانڊيو سميت ٻيا ڪيتريون ئي اهم شخصيتون موجود هيون.