لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري واري معاملي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ن ليگ، پ پ ۽ پي ٽي آءِ متحد ٿي عوام تي بار وجهڻ چاهين ٿا، حڪومتي فنڊ عوام کي رليف ڏيڻ کان خالي آهي، پر اسيمبلي ميمبرن پنهنجن پگهارن ۾ 140 سيڪڙو واڌ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي.31 جنوري تي مهانگي بجلي ۽ آءِ پي پيز مافيا خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.منصوره مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ن ليگ، پ پ، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جا اسيمبلي ميمبر ذاتي مفادن لاءِ متحد ٿي ويا آهن، سندن پگهارن ۾ 140 سيڪڙو اضافو شرمناڪ عمل آهي، جنهن جو قوم حساب وٺندي.