اسلام آباد (م ڊ) حڪومت جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان۽ سينيٽ ۾ مسلم ليگ ن جي پارلياماني ليڊر سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين جي خاتمي جو اعلان ڪري اسپيڪر ۽ ڪميٽي جي توهين ڪئي ۽ سڄي ڳالهين واري عمل کي تماشو بڻائي ڇڏيو، اسان ڪڏهن ان تماشي جو حصو بڻيل رهنداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ اڃا تائين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڳالهين جي خاتمي بابت باضابطه طور تي آگاهه نه ڪيو آهي، اسپيڪر 28 جنوري تي اجلاس طلب ڪيو. پي ٽي آءِ وارا اچن، ويهن ۽ اسان جي ڳالهه ٻڌن، اسان ڪڏهن به اهو نه چيو ته اسان عدالتي ڪميشن نه ٺاهينداسين، اسان ڳالهين جي حوالي سان سنجيده ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
-
ماڻهن جي خريداري جي قوت گهٽجي وئي آهي: مفتاح اسماعيل
لنڊن (م ڊ) عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪئي. شاهد خاقان عباسي چيو ته هن ن ليگ اصولن جي بنياد تي ڇڏي آهي. هن الزام لڳايو ته نواز شريف 8 فيبروري تي اليڪشن ۾ شڪست قبول نه ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو. شاهد خاقان وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ بند ڪرڻ ۽ پيڪا قانون ذريعي آزاديون محدود ڪرڻ سان ترقي ممڪن ناهي. موجوده حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو به قانون يا پاليسي ناهي جوڙي. مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ ماڻهن جي خريداري جي سگهه گهٽجي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اوورسيز پاڪستاني عمران خان جي اپيل باوجود پنهنجي فيملي کي پيسا موڪلڻ بند نه ڪيا آهن. پاڪستان ۾ هر شهري گذرندڙ وقت سان وڌيڪ غربت جو شڪار ٿي رهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن موجوده حڪومت کي عوام دشمن قرار ڏيندي پاليسين ۾ تبديلي جي گهر ڪئي.
-
ٽرمپ جو غزا خالي ڪرائڻ جو منصوبو، اردن ۽ حماس جي مخالفت
واشنگٽن/غزا (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزا کي خالي ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪندي عرب ملڪن کي فلسطينين کي پناهه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٽرمپ غزا کي تباهه ٿيل علائقو قرار ڏنو ۽ چيو ته 15 لک ماڻهن کي منتقل ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي. حماس ۽ اسلامي جهاد تحريڪ ٽرمپ جي منصوبي کي رد ڪندي ان کي فلسطينين جي حقن ۽ وجود خلاف قرار ڏنو. حماس جي باسم نعيم چيو ته غزا جو گهيرو ختم ڪيو وڃي ته مقامي ماڻهو علائقو ٻيهر تعمير ڪري سگهن ٿا. فلسطين جي اسلامي جهاد تحريڪ عرب ملڪن کي منصوبي کي رد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. اردن جي پرڏيهي وزير ايمن صفدي واضح ڪيو ته اردن جو فلسطيني عوام جي بي دخلي خلاف موقف مضبوط آهي. اردن جي ترجيح اها آهي ته فلسطيني پنهنجي زمين تي رهڻ جاري رکن ۽ انهن کي ڪنهن به صورت ۾ بي دخل نه ڪيو وڃي. هوڏانهن غزا پٽي جي اتر ۾ هزارين بي گهر فلسطينين کي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ کان روڪيو ويو ڇو ته اسرائيل حماس تي جنگ بندي معاهدي جي شرطن جي ڀڃڪڙي جو الزام هڻندي هڪ مک روڊ بند ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيلي حڪومت موجب غزا جي شهرين کي اتر جو سفر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي جيستائين اسرائيلي شهري اربيل يهود کي آزاد نه ڪيو ويندو. حماس زور ڏنو ته هو جيئرو آهي ۽ ايندڙ هفتي کيس آزاد ڪيو ويندو.