پاڪستان پنهنجي ئي ڄار ۾ ڦاسي پيو، ويسٽ انڊيز 35 ورهين بعد شاهينن کي گهر ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب

ملتان (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي 120 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.
ويسٽ انڊيز پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 245 رنسن جو هدف ڏنو هو، جنهن جي جواب ۾ قومي ٽيم 133 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ ائين 1990 کانپوءِ ويسٽ انڊيز پاڪستان ۾ پهرين ٽيسٽ کٽي آهي.
پاڪستان طرفان ٻي اننگز ۾ بابر اعظم 31، محمد رضوان 25، ڪامران غلام 19، سلمان آغا 15، سعود شڪيل 13 رنسن سان اڳڀرا رهيا، ٻين رانديگرن مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
واضح رهي ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 163 ۽ ٻي اننگز ۾ 244 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته پاڪستان پهرين اننگز ۾ 154 رنسون ٺاهيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.