اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس خلاف توهين عدالت جو نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو، ڪميٽيز جي اختيار تي فل ڪورٽ جوڙڻ لاءِ فائل چيف جسٽس کي موڪليو ويو.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل بينچ ايڊيشنل رجسٽرار توهين عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
جسٽس منصور علي شاهه فيصلي ۾ چيو آهي ته عدالت سامهون شروعاتي طور تي ٻه سوال هئا، پهريون سوال اهو هو ته ڇا ڪو ڪيس، جنهن تي جزوي ٻڌڻي ٿي چڪي هجي بينچ کان واپس وٺي سگهجي ٿو؟ عدالت ان نتيجي تي پهتي ته اهڙو ڪيس واپس يا ڊي لسٽ نٿو ڪري سگهجي.
جسٽس منصور فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته ٻيو سوال اهو هو ته ڇا انتظامي آرڊر سان عدالتي آرڊر کي ختم ڪري سگهجي ٿو؟ عدالت ان نتيجي تي پهتي آهي ته انتظامي آرڊر سان جڊيشل آرڊر کي ختم نٿو ڪري سگهجي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايڊيشنل رجسٽرار ڄاڻي واڻي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي نه ڪئي، اهڙو ثبوت ناهي مليو، جنهن سان ظاهر ٿئي ته ايڊيشنل رجسٽرار جو ڪو ذاتي مفاد آهي، بدنيتي جو ثبوت ناهي مليو، ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل خلاف توهين عدالت جو شوڪاز واپس ورتو پيو وڃي.
جسٽس منصور فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته بادي النظر ۾ ٻنهي ججز ڪميٽين جڊيشل آرڊر کي نظرانداز ڪيو، ڪيس بينچ کان واپس ورتو، ٻنهي ڪميٽين خلاف توهين عدالت جي معاملي تي فل ڪورٽ بينچ جوڙي وڃي، معاملو چيف جسٽس کي موڪليو وڃي ٿو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رجسٽرار آفيس کي حڪم ڏيون ٿا ته ججن جي اختيارن بابت ڪيس واپس 3 رڪني بينچ سامهون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.
پوءِ عدالت ڪيس جو 20 صفحن تي ٻڌل لکت حڪم نامو به جاري ڪري ڇڏيو.
You might also like