بدين/ڪڍڻ (نمائندن وٽان )لواري شريف جي ڳوٺ روشن آباد جي 13 سالا نينگر فرحان پٽ ڪريم بخش جوڻيجو گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو،گذريل ڏينهن کان شام جو 5 وڳين هوٽل تي کير کڻي گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو هو، مسلسل ڳولا ڪرڻ کانپوءِ ڪامورو شاخ جي ڪپ تي سندس گلي ۾ اڳٺ سان گهٽو ڏئي قتل ڪيو ويو، جتي کيس جنسي عمل بعد گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو خدشو آهي، وڌيڪ جنسي عمل پوسٽ مارٽم بعد واضع ٿيندو، لاش بدين ۽ لواري شريف پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.