خضدار ويجهو ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 7 زخمي

خضدار(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ست زخمي ٿي پيا. مارجي ويل ۽  زخمي بس ۾ سوار هئا. ڊپٽي ڪمشنر خضدار ياسر دشتي فون تي ٻڌايو ته ڌماڪو خضدار شهر کان 60 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي کوڙي ۾ ٿيو. هن چيو ته ڌماڪيدار مادو الٽو ڪار ۾ هو، جيڪا کوڙي واري علائقي ۾ روڊ جي ڪناري تي بيٺل هئي، ان وقت ڌماڪو ٿيو جڏهن مسافر بس اتان گذري رهي هئي. هن چيو ته ڌماڪي سان آلٽو ڪار مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، جڏهن ته ڌماڪي سان بس پڻ متاثر ٿي. ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته ڌماڪي سبب بس ۾ سوار هڪ مسافر مارجي ويو جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا.هن چيو ته زخمين کي طبي امداد لاءِ خضدار شهر منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ جي حالت نازڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.