ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪريون ٿا. جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪوڙيون خبرون نه هجڻ گهرجن پر اسان آزاد صحافت تي حملو نه ٿيڻ ڏينداسين. هن چيو ته پيڪا ايڪٽ تي حڪومت طرفان ڪابه مشاورت نه ڪئي وئي. جڏهن ته حڪومت کي تڪراري پيڪا ايڪٽ تي مشاورت ڪرڻ گهرجي ها، پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم کي جماعت اسلامي رد ڪري ٿي. هن چيو ته پوري دنيا جا مسلمان حماس جي پٺيان بيٺل آهن ۽ حماس مزاحمت ڪري دنيا کي هڪ سبق ڏنو. آمريڪا جي اڳيان جهڪندڙ خوار ٿيندا آهن. آمريڪي عوام به حماس جي حق ۾ آهي ۽ انهي معاملي ۾ آمريڪا به پنهنجي شهرين کي به مطمئن نه ڪري سگهيو آهي.