عابده پروين جي صحت بلڪل ٺيڪ آهي، پريشان نه ٿيو: ٽيم

اسلام آباد(م ڊ) صوفياڻي راڳ جي ليجنڊگلوڪارا عابده پروين جي ٽيم واضح ڪيو آهي ته عابده پروين جي صحت بلڪل ٺيڪ آهي، صحت بابت افواهون درست نه آهن، عابده پروين جي آفيشل انسٽاگرام اسٽوري ۾ عابدا جي صحت بابت وضاحت ڪئي وئي آهي، عابده پروين کي تازو قطر جي نيشنل ميوزيم ۾ هڪ فيشن ۽ ميوزڪ شو ۾ ويل چيئر تي ويهي صوفي ڪالم ڳائيندي ڏٺو ويو هو، عابده پروين ويل چيئر تي  ويٺي هئي ته مداح پريشان ٿي ويا ۽ سندس صحت ٺيڪ نه هجڻ تي تبصرا ڪيا، جنهن بعد عابدا جي ٽيم واضح ڪيو آهي ته عابده پروين صحتياب آهي، سندس باري ۾ پکڙيل افواهن ۾ ڪا به صداقت ناهي، مداحن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.عابدا ڪنهن بيماري سبب نه پر نيشنل ميوزيم قطر جي ڊگهي سفر سبب ويل چيئر جي سهولت استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، صحت بابت پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، واضح رهي ته عابده پروين مختلف وقتن تي دل جي بيمارين ۽ ٻين مشڪلاتن جو شڪار رهي آهي، 2010 ۾ لاهور ۾ هڪ پرفارمنس دوران کيس دل جو دورو پيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.