وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ نه ڏينداسين، بلوچن جي مرضي بنا ڪوبه منصوبو ڪامياب نه ٿيندو: ماهه رنگ

دالبدين(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي چاغي جي هيڊ ڪوارٽر دالبندين ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران”بلوچ نسل ڪشي يادگيري“ جي نالي سان هڪ اجتماع ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن  سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان جي وسيلن جي ڪنهن کي به ڦرلٽ ڪرڻ نه ڏينداسين، بلوچن جي مرضي کانسوءِ ڪوبه منصوبو ڪامياب نه ٿيندو، ظلم ۽ ناانصافين خلاف بلوچ متحد آهن، هن چيو ته دالبندين جو قومي اجتماع رياست جي ظلم ۽ بربريت واري نظام خلاف بلوچ قوم جو ريفرينڊم آهي، ميڙاڪي جي ڪاميابي جو سهرو بلوچ قوم کي وڃي ٿو،  قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي شاندار تقريب ۾ بلوچ قوم جي هر گهر مان ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ هننن پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته بلوچ قوم نسل ڪشي خلاف ۽ پنهنجي قومي بقا لاءِ متحد ۽ منظم آهي، ماهه رنگ بلوچ چيو ته جهڙي طرح بلوچ قوم بلوچ لانگ مارچ، گوادر راجي مچي ۽ دالبندين قومي اجتماع ۾ اتحاد ۽ اتفاق جا عظيم مثال قائم ڪري بلوچ قوم جي روشن مستقبل لاءِ راهه هموار ڪئي آهي، جيڪڏهن اسان اها جدوجهد جاري رکي ته دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي منزل تائين پهچڻ کان روڪي نه ٿي سگهي، جلسي کي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن صبغت الله شاھ جي، ڊاڪٽر صبيحه، لالا وهاب، سميع دين ۽ ٻين به خطاب ڪيو، جلسي ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ بلوچ نسل ڪشي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، ٻي پاسي دالبندين ۾ موبائيل انٽرنيٽ بند ٿيڻ بعد موبائل فون سروس به مڪمل طور تي بند ڪئي وئي آهي.دالبندين جي صحافين موجب سڄي چاغي ضلعي ۾ موبائيل فونن تي انٽرنيٽ سروس خميس جي رات 12 وڳي کانپوءِ بند ڪئي وئي، جيتوڻيڪ دالبندين ۽ ٻين علائقن ۾ موبائيل فون سروس جي بندش بابت ڪا به باضابطا وضاحت ناهي ڪئي وئي، پر بلوچ يڪجهتي ڪميٽيءَ جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جو چوڻ آهي ته اهو عمل يڪجهتي ڪميٽي پاران ڪوٺايل جلسي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، بي بي سي جي رپورٽ موجب دالبندين ۽ چاغي ضلعي جي ٻين علائقن ۾ گذريل رات کان موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي آهي، دالبندين ۾ موبائيل فون تي رابطو ممڪن ئي ناهي،اهڙي طرح دالبندين ۾ پي ٽي سي ايل جي لينڊ لائنن سميت سرڪاري آفيسن جي نمبرن تي به ڪو رابطو ناهي.دالبندين ۾ جڏهن ڊپٽي ڪمشنر چاغي جي گهر ۽ آفيس جي لينڊ لائن نمبر تي ڪال ڪئي وئي ته ليويز فورس جي ڪنٽرول روم جي لينڊ لائن نمبر تي به رابطو نه ٿي سگهيو، بي بي سي سان ڳالهائيندي ماهه رنگ بلوچ چيو ته ان کان اڳ به گوادر ۾ بلوچ اتحاد ڪميٽي جي جلسي دوران موبائل فون سروس کانسواءِ لينڊ لائن به بند ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.