ڪراچي(ويب ڊيسڪ)نادرا طرفان ڪراچي جي شهرين کي سهولت ڏيڻ لاءِ موٽرسائيڪل سروس جي شروعات ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي توهان پنهنجي شناختي ڪارڊ ۾ ڪا به تبديلي يا مدي خارج ٿيل شناختي ڪارڊ کي رينيو ڪري نئون ڪارڊ گهر ويٺي ئي حاصل ڪري سگهو ٿا.
نادرا موٽرسائيڪل سروس جي سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي نادرا جي سروس سينٽر تي هڪ فون ڪرڻي پوندي، انکانپوءِ توهان پنهنجو پاڻ کي رجسٽر ڪرائي نئون ڪارڊ گهرائڻ جي درخواست ڏئي سگهو ٿا، جيئن ئي توهان جي رجسٽريشن ٿي ويندي ته نادرا جو نمائندو موٽرسائيڪل ڪاهي اوهان جي در تي پُڄي ويندو.
ان سروس جو مقصد شهرين کي ڊگهين قطارن ۽ انهن جو وقت ضايع ٿيڻ کان بچائڻ آهي.
ان کان اڳ نادرا طرفان پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ جي به شروعات ڪري چڪي آهي جنهن ذريعي شهرين کي آن لائين سڃاڻپ ڪارڊ، ايف آر سي، بي فارمز ۽ ٻيون سهولتون گهر ويٺي مهيا ڪيون ويون آهن.
اهڙي سروس ماڻڻ لاءِ قومي شناختي ڪارڊ جي اصل فيس سان گڏ هڪ هزار رپيا وڌيڪ چارج ڪيا وڃن ٿا جيڪا موٽرسائيڪل سروس جي فيس هوندي.
ڪراچي واسين لاءِ اها سهولت يقينن انتهائي فائديمند ثابت ٿيندي.
موٽرسائيڪل سروس کي پهريون ڀيرو ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن توهان پهريون ڀيرو ڪارڊ ٺهرائڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ توهان کي نادرا جي سروس سينٽر تي ئي وڃڻو پوندو.