پاڪستان پيپلز پارٽي آئين جو تحفظ ڪندي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(پ ر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽  اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آئين ٺاهڻ ۽ قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي. پاڪستان جي آئين موجب پارليامينٽ سڀ کان مٿانهون ادارو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري چڪا آهن  ته پاڪستان پيپلز پارٽي آئين جو تحفظ ڪندي.  هڪ بيان ۾هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي تي يقين رکي ٿي. صدر آصف علي زرداري پنهنجي پهرئين دور حڪومت ۾ پارليامينٽ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو.  هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدر آصف علي زرداري پنهنجا صدارتي اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.