سوشل ميڊيا جو ڳلو گُهٽجي ويو( اپوزيشن)ڪوڙي پروپيگنڊا تي ڪو پڇاڻو ناهي:حڪومت

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 کانپوءِ ڊجيٽل نيشن پاڪستان جو بل به قومي اسيمبلي مان اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتا، ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ جيئن ئي شروع ٿيو ته پي ٽي آءِ جي ميمبرن عمران خان جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو، ڊيسڪن تي اٿي بيهي اوو اووو جا نعرا هنيا ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي  اڇلائڻ سان گڏ گوڙ ڪيو، جنهن بعد ايوان جي ڪارروائي مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، ان بعد وفاقي وزير راڻا تنوير پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 ايوان ۾ پيش ڪيو، جيڪو اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو، حڪومت جي ڪنهن به اتحادي پارٽي جي ميمبر مخالفت نه ڪئي، جڏهن ته مخالف ڌر جي جميعت علماءِ اسلام (فضل الرحمان) جي ميمبرن به بل جي مخالفت ڪئي، ان دوران صحافين پيڪا ايڪٽ ترميم بل خلاف احتجاج ڪيو ۽ پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، جنهن بعد وفاقي وزير عطا تارڙ صحافين وٽ پهچي کين پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، اجلاس دوران ڊجيٽل نيشن پاڪستان بل به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، ڊجيٽل نيشن پاڪستان بل تحت 18 رڪني نيشنل ڊجيٽل ڪميشن جوڙي ويندي، جنهن جي صدارت وزيراعظم ڪندو، چئني صوبن جا وڏا وزير، وفاقي وزير، چيئرمين ايف بي آر، چيئرمين نادرا، چيئرمين ايف بي آر، چيئرمين نادرا شامل هوندا. جڏهن ته پي ٽي اي چيئرمين، ايس اي سي پي چيئرمين  ۽ اسٽيٽ بينڪ جو گورنر ڪميشن جو حصو هوندا، بل موجب ڪميشن قومي ڊجيٽل ماسٽر پلان جي منظوري ڏيندي ۽ ان تي عملدرآمد جي صورت ۾ ڊسيپلينري ايڪشن اختيار ڪيو ويندي، بل تحت پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي قائم ڪئي ويندي، ٻي پاسي قومي اسيمبلي جي گهرو بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ تڪراري پيڪا ترميمي بل منظور ڪيو ويو، جنهن تي مخالف ڌر جي ميمبرن سخت مخالفت ڪئي، پي ٽي آءِ جي اسيمبلي زرتاج گل چيو آهي ته بل جلدبازي ۾ پاس ڪيو پيو وڃي، بل آڻڻ جو مقصد سوشل ميڊيا جو ڳلو دٻائڻ آهي، قانونن لاءِ ايتري جلدي ڪئي وئي آهي رياست جا مخالف ماڻهو اسان جا به دشمن آهن، بل ۾ سزائون تمام سخت رکيون ويون آهن، ان جي زد ۾ تمام گهڻا ايندا، ڪميٽي چيئرمين راجا خرم نواز چيو ته ڪيترائي ماڻهو سوشل ميڊيا تي رياست مخالف بيانيه هلائي رهيا آهن، حنيف عباسي چيو ته سوشل ميڊيا کي بي لغام ڇڏي نه ٿو سگهجي، سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي مائرن ۽ ڀينرن جي عزت پائمال ڪئي ويندي آهي، مريم نواز جون جعلي وڊيوز ٺاهي پروپيگنڊا ڪئي وئي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته هتي صحافي جي ڪا به تعريف ناهي.عبدالقادر پٽيل به بل جي مخالفت ڪندي چيو ته پيڪا بل تڪڙ ۾ پاس ڪيو پيو وڃي،  جمشيد دستي چيو ته ملڪ ۾ ڪارا قانون آندا پيا وڃن، آغا رفيع الله چيو ته مان پيڪا ترميمي بل جي حق ۾ آهيان، ڪوڙين خبرن سبب جهيڙا وڌي ويا آهن ۽ ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، مخالف ڌر جي واڪ آئوٽ کانپوءِ ڪميٽي جي حڪومتي ميمبرن تڪڙ ۾ بل منظور ڪرايو،هوڏانهن اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو ته ڊجيٽل ميديا تي الزام تراشي ۽ ڪردارڪشي ٿئي ٿي،پيڪا ايڪٽ ورڪنگ صحافين خلاف ناهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.