صحافتي تنظيمن پاران پيڪا ايڪٽ خلاف تحريڪ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) صحافي تنظيمن جي گڏيل ايڪشن ڪميٽي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمي بل کي رد ڪندي چيو ته ترميمون صحافتي تنظيمن جي مشاورت کانسواءِ ڪيون پيون وڃن. ايڪشن ڪميٽي ۾ پي ايف يو جي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، ايمنڊ، ۽ پي بي اي شامل آهن. ڪميٽي چيو ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم  جو مسودو اڃا تائين ناهي ڏنو ويو. حڪومت پاران پيڪا ترميمي بل ۾ ڪوڙي خبر تي 3 سال قيد ۽ 20 لک رپيا ڏنڊ تجويز ڪيو ويو. ڪميٽي مطالبو ڪيو ته حڪومت اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت کانسواءِ بل پاس نه ڪري. هوڏانهن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پيڪا ترميمي ايڪٽ جي منظوري خلاف ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ چيو ته حڪومت اوچتو بل آندو ۽ منظور ڪيو، صحافين سان ڪيل واعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.