پيپلزپارٽي جي ٻٽي معيار جي ڪري سنڌ کي نقصان پهتو: ارباب غلام رحيم

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي مولانا اسد الله ڀٽو، اڳوڻي امير محمد حسين محنتي جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سان ڪراچيءَ ۾ سندن رهائش گاهه تي پهچي ملاقات ڪئي ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي، زمينن تي ولار توڻي سنڌوءَ مٿان 6 نوان ڪينال اڏڻ خلاف جماعت سلامي پاران 26 جنوري آچر ڏهاڙي حيدرآباد ۾ رٿيل پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته پ پ جيڪڏهن نه چاهي ها ته ڪئنالن وارو تڪراري منصوبو ڪونه جڙي ها، پ پ جي ٻٽي معيار جي ڪري سنڌ کي وڏو نقصان پهتو آهي. چور کي چون پيا ته چوري ڪريو ۽ ڀاڳين کي چون پيا ته هوشيار ٿجو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 91 ٺاهه موجب سنڌ کي پنهنجي حصي جو جائز پاڻي ملڻ گهرجي. ان موقعي تي مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته  سنڌوءَ سنڌ جي 07 ڪروڙ عوام جي جياپي جو ذريعو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.