مٺي(رپورٽ:غازي بجير) مٺي ۾ ٻارڙيء سان زيادتي واقعي تي ٿر ۾ خوف ۽ افسوس جي لهر، وحشي جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. مٺي جي سراڻ ڪالوني ۾ جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل 5 ورهين جي ٻارڙي جي حالت سڌرندڙ آهي،ايس ايس پي ٿرپارڪر سمير نور چنا مٺي سول اسپتال پهچي زير علاج جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل پنج ورهين جي ٻارڙي ڪائنات جي عيادت ڪئي ايس ايس پي متاثر ٻارڙي ۽ سندس گهر ڀاتين کان پيش آيل واقعي بابت تفصيلي معلومات ورتي ۽ کين انصاف ۽ تحفظ جي خاطري ڪرائي ايس ايس پي سمير نور چنا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻارڙي جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاء جزا ورتا ويا آھن ۽ ٻيون قانوني ۽ ميڊيڪل جي حوالي سان سموريون گهرجون پوريون ڪري جوابدار کي عبرت ناڪ سزا ڏياريندا سين. هن وڌيڪ چيو ته جوابدار جي متاثر ٻارڙي سڃاڻپ ڪئي آھي ۽ جوابدار ڏوه جو اعتراف پڻ ڪيو آھي اسان مڪمل جاچ ڪيون پيا. صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي سيڪيورٽي پلان م ايس ايڇ او مٺي،سي آئي انچارج ٿرپارڪر سميت ٻين پوليس آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڊي ايس پي مٺي ماجد قائم خائمخاني سموري سيڪورٽي جي نگراني ڪندو . گرفتار جوابدار ڪيول ڪولهي جو رمانڊ ورتو ويو.
ٿر ۾ بدامني ۽ وحشپڻي جو ڪارڻ منشيات آهي: ٿر بار
مٺي: ٿر جي وڪيل برادري جي اڳواڻن عبدالسبحان سميجو،مصطفي هنڱورجو ۽ ٻين معصوم ٻارڙي جي وارثن سان گڏ ايس ايس پي ٿرپارڪر سمير نور چنا سان ملاقات ڪري ٿر ۾ بدامني ۽ وحشپڻي جي واقعن جو ذميوار منشيات جي عام واهپي کي قرار ڏنو ۽ هنن ڄيو ته منشيات جو ريزڪي دڪانن تي عام واهپي سبب اهڙا واقعا ٿين ٿا. ٿر بار ايسوسيئيشن مٺي ۽ چيلهار ۾ معصوم ٻارڙن سان ٿيل واقعن تي خط سنڌ پوليس جي اختيارن کي لکي ڇڏيو، ٿرپارڪر بار ايسوسئيشن جي صدر موهن لال منٺاراڻي خط ۾ لکيو آهي ته چيلهار ۽ مٺي ۾ ٻن معصوم ٻارڙن سان پيش ايندڙ واقعا وحشيت تي ٻڌل آهن جن کي وحشي جوابدارن زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي، وحشي درندن انسانيت کي لڄايو آهي آء جي سنڌ سميت پوليس اختياريون معاملن جي بهتر جانچ ڪري جوابدارن کي سخت سزا ملڻ گهرجي.
مٺي:ريزڪي دڪان تي نامعلوم ماڻهن جو حملو، نوجوان دڪاندار زخمي
مٺي:مٺي شهر جي سراڻ ڪالوني ۾ ريزڪي دڪان تي نامعلوم ماڻهن جو حملو ڪري گهر اڳيان دڪان تي ويٺل دڪاندار ڪنول ميگھواڙ تي وحشياڻو تشدد ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهتي ته جوابدار فرار ٿي ويا، جنهن بعد زخمي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او مٺي ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ حملي آورن کي جلد گرفتار ڪنداسين، واضح رهي ساڳي ڪالوني ۾ ٻارڙي سان زيادتي واقعي بعد سوشل ميڊيا تي ڪجھ ماڻهن پاران ڄاڻايل ريزڪي دڪان تي شراب جي وڪري سان ڳنڍيو پئي ويو.
معصوم نياڻي سان زيادتي جو واقعو شرم جوڳو آهي: نند لال مالهي
مٺي: پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مٺي ۾ معصوم نياڻي سان ٿيل زيادتي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سراڻ ڪالوني مٺي ۾ معصوم نياڻي سان ٿيندڙ زيادتي جو واقعو انتهائي شرمناڪ آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي. معصوم نياڻي جي واقعي سموري انسانيت کي لڄائي ڇڏيو آهي ۽ انسانيت جو ڪنڌ شرم ۾ جهڪي ويو آهي. هن چيو ته معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙن اهڙن واقعن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي. معصوم نياڻي جي واقعي ۾ ملوث جوابدار کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.