رَني ڪوٽ ايراضي جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو قلعو آهي ، پر جيڪڏهن قدامت ۽ هن جي پُراِسرار جوڙجڪ جي حساب سان ڏسجي ته ساڍا ٻٽيهه ڪلوميٽر هم چورس هي قلعو دنيا جو قديم وڏي مان وڏو قلعو آهي. ( پر ڪمڀل ڳڙهه سترهين عيسوي صديءَ ۾ راجستان / انڊيا ۾ ٺهرايو ويو ، جيڪو 36 ڪلوميٽر هم چورس ايراضيءَ تي مشتمل آهي ، ان کان اڳ رَني ڪوٽ کي دنيا جو وڏي مان وڏو قلعو هجڻ جو اعزاز حاصل هو)
هونئن ته آئون سال 2003ع کان رني ڪوٽ وڃي رهيو آهيان ، پر باقاعدا تحقيقي ۽ شعوري مشاهدن لاءِ مون سال 2010ع کان رني ڪوٽ وڃڻ ، ان جي هر ڪُنڊ پاسي ۽ زاويي تي لکڻ شروع ڪيو آهي.
پڙهندڙن لاءِ اڄ جنهن موضوع تي مواد جي ونڊ ڪئي ويندي اهو آهي ” رَني ڪوٽ اندر گهاڙيون يا اُڪَرَ ٿيل قبرون “. جيئن ته رني ڪوٽ ڪوهستاني علائقي جي ڀرسان واقع آهي ، تنهن ڪري ان جي ڀرپاسي ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن ، ذاتين ۽ قبيلن جون ريتون رسمون ۽ رواج به اهڙا ئي آهن جهڙا ڪوهستانين جا آهن.
رَني ڪوٽ ۾ ”پَرين جي تڙ / قدرتي پاڻي جي چشمي“ ڏانهن ويندڙ رستي لڳ هڪ مٿاهين پوٺي تي هڪ قديم گهاڙي قبرستان موجود آهي ، جنهن ۾ اُڪَرَ ٿيل ڪافي قبرون موجود هيون ۽ انهن تي عورتن جا زيور ، سورج مکيءَ جا گُل ، مور پکي ، چيتي ۽ هاٿيءَ جا عڪسَ اُڪريل هئا. اهو گهاڙي قبرستان مون پهريون ڀيرو سال 2010ع ۾ ڏٺو ، تڏهن مٿي بيان ڪيل سڀئي اُڪريل عَڪسَ مون پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺا ۽ ڪجهه تصويرون به ڪڍيون. ( جيڪي مون وٽ محفوظ آهن).
پر هاڻي جڏهن ان پاسي وڃڻ ٿيندو آهي ته اتي ڪاريءَ وارا ڪَکَ لڳا پيا آهن! ماڻهو اهي سڀ اُڪريل سِرون کڻي ويا ! جن جو ذڪر مون مٿي بيان ڪيو آهي . بس رڳو ڪجهه قبرن جا بنياد باقي بچيا آهن ، باقي مٿيان سمورا صَليب/ سِرون ماڻهو کڻي ويا .
بهرحال رَني ڪوٽ ۾ گهاڙي قبرون ملڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته سورهين ۽ سترهين عيسوي دوران به هتي انساني آبادي هئي ۽ اهي پنهنجي ماڻهن کي گهاڙي قبرن ۾ دفنائيندا هئا.
تازو ارڙهين ۽ اوڻويهين جنوري 2025ع تي رني ڪوٽ وڃڻ ٿيو ته ڪجهه نيون ۽ مثبت تبديليون مشاهدي ۾ آيون ، جيڪي هن ريت آهن ؛
- سن شهر کان رني ڪوٽ تائين وارو لِنڪ روڊ ٻيهر ( نئين سِري ) تيار ٿي چڪو آهي.
- مِيري ڪوٽ ڏانهن ويندڙ نامڪمل پُل ، هاڻي مڪمل ٿي چُڪي آهي.
- اِي ايف ٽِي ( اِنڊوو مينٽ فنڊ ٽرسٽ ) وارن پاران شاهپر/ شاهپير لنگهه واري پاسي مرمت وارو ڪم جاري آهي ، جتي هو رَني ڪوٽ جي ڀَڳل ٽٽل ۽ جُهريل ڀِتين کي ٻيهر جوڙي رهيا آهن.
- ميري ڪوٽ وٽ موجود ريسٽ هائوس ۾ هاڻ هڪ ئي وقت سئو کن ماڻهن کي رهائي سگهجي ٿو ۽ اتي کين کارائڻ پيئارڻ جو بندوبست پڻ موجود آهي .
باقي سنڌ حڪومت جي ڪلچر ، ٽوئرازم ، ائنٽيڪئٽيز ڊپارٽمينٽ ۽ اِي ايف ٽِي وارن کي هيٺ ڄاڻايل ڪَمَ ڪرائڻ گهرجن.
- 1. رني ڪوٽ جي سن دروازي کان ميري ڪوٽ وارو روڊ ، ميري ڪوٽ کان چشمي تائين وارو روڊ ۽ ميري ڪوٽ کان شاهپير/شاهپر لنگهه تائين وارو روڊ به ٺهرائڻ گهرجي.
- رَني ڪوٽ ۾ هڪ ميوزيم به ٺهرائڻ گهرجي ، جنهن ۾ اتان مليل شيون رکيون وڃن.
- رَني ڪوٽ ۾ اڃا تائين موبائيل ڪمپنين جو نيٽ ورڪ موجود ناهي ! ان سلسلي ۾ ڪوشش ورتي وڃي ، ڇو ته رَني ڪوٽ ۾ وڃڻ کان پوءِ ماڻهو سموري دنيا کان ڪٽجي وڃي ٿو.
- سائنسي بنيادن تي رني ڪوٽ ۾ مختلف هنڌن تي کوٽائي ڪرائي وڃي ، جنهن سان هن جي قدامت ظاهر ٿي پوندي ۽ دنيا کي رَني ڪوٽ بابت ڄاڻ حاصل ٿيندي.
- هاڻ اهو وقت اچي چڪو آهي جو سنڌ حڪومت کي رَني ڪوٽ کي يونيسڪو وارن جي ( ورلڊ هيريٽيج سائيٽ ) ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن ۽ رَني ڪوٽ ۾ اهي سڀ سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن جيڪي يونيسڪو وارن کي گهربل هونديون آهن.