سماج جي جوڙجڪ ۾ توڙي جو زندگي سان لاڳاپيل سمورن شعبن جي ورهاست، اهڙي نموني رکي وئي آهي، جو ھر شعبوگهڻي ڀاڱي هڪ ٻئي تي انحصار ڪرڻ جي باوجود پنهنجي الڳ بيهڪ رکي ٿو، پر سياست اهڙو شعبو آهي، جيڪو انهن سمورن شعبن جو احاطو ڪندي سموري سماج تي سڌو سنئون اثرانداز ٿئي ٿو، ڪنهن به سماجي يا رياستي ڍانچي کي هلائڻ ۾ سياست جو وڏو ۽ اڻٽر عمل دخل هوندو آهي. جهڙي نموني ٻين شعبن سان لاڳاپيل فرد پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ان شعبي جي سڃاڻپ بڻجندو آهن، ايئن ئي سياسي ڪارڪن سياسي ڌارائن يا رجحانن جي عڪاسي ڪندا آهن.
سياسي ڪارڪن جا مثبت رويا سماج کي سٺو سياسي دڳ ڏئي ويندا آهن، جيڪو سماجن، قومن ۽ ملڪن جي تعمير ۽ ترقي جو ضامن بڻبو آهي ۽ ناڪاري سياسي رويا سماج جي تباهي ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن. ڪنهن به پارٽي جي طئـ ٿيل مقصدن جي حاصلات لاءِ اھو ضروري آھي تـ ان پارٽي جو ڪارڪن مستقل مزاج، شعور يافته، ملڪي توڙي غير ملڪي سياست جي ڄاڻ رکندڙ، پنهنجي منشور ۽ نظريي تي ثابت قدم هجڻ سان گڏوگڏ، پرعزم جدوجهد ڪندڙ هجي. سياسي شاگرد ھُئڻ ناتي چئي سگھجي ٿو تـ سياسي ڪارڪن ئي پارٽي جي ريڙھ جي ھڏي ھوندو آھي جنهن تي سياسي پارٽي جو ڍانچو بيٺل ھوندو آھي.
پر هن وقت جيڪڏهن اسان سياسي ڪارڪنن تي نظر وجهنداسين ته منجهن سياسي تربيت جي کوٽ نظر ايندي، ذهني ۽ سياسي طور نابالغ نوجوانن جا جٿا پارٽي ليڊر جي پويان نعرا هڻندي ۽ جهنڊا جھولائيندي نظر ايندا، پر منجهن سياسي ڪارڪن لاءِ گھربل اخلاقيات، يا تنظيمي طئـ ٿيل قائدن جي کوٽ چٽي طرح نظر اچي ٿي. نه منجهن نظم ۽ ضبط آهي نه ئي برداشت آھي. ويتر هاڻي سوشل ميڊيا جي دور ۾، بجاءِ دليلن سان هڪ ٻئي کي پنهنجن نظرين جو دفاع ڪرڻ جي، ذاتيات تي لهي ايندا آهن ۽ هڪ ٻئي جي پارٽين، نظرين ۽ قائدين تي نه صرف الزام تراشي ڪندا آهن پر گار گند به شروع ڪريو ڇڏين، سوشل ميڊيا تي اصل مهاڀاري لڙائي شروع ٿيو وڃي، جنهن جو ڪو ڇيڙو ئي نه آهي. اڻ سهپ جو شديد مظاهرو ڪيو وڃي ٿو، شايد ان جي پويان ڪارڪن جي درست رخ ۾ تربيت نـ ھُجڻ، اڻپوري نظرياتي ڄاڻ ۽ پارٽي اصولن ۽ قاعدن کان ناواقفيت جو عمل دخل ھوندو آھي.
حقيقت ۾ آئون سمجهان ٿي ته ان ۾ نوجوان ڪارڪنن جو بـ ڪو ايترو ڏوهه ناهي ھوندو ڇاڪاڻ جو اسان جي اڄ جي ليڊر کي صرف اسٽيج ۽ هيٺ بيٺل نوجوان ڪارڪنن جا بلند آواز ۾ جذباتي نعرا گهرجن ٿا. ٿيڻ تـ ايئن گهرجي جو سنڌ م جيڪي به سياسي پارٽيون آهن، انهن جي اڳواڻن کي خصوصي طور اپاءُ وٺندي نوجوان سياسي ڪارڪنن جي سياسي تربيت ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙين، نه صرف اسٽيڊي سرڪل هلائين پر سياسي ورڪشاپ يا پروگرام پنهنجي پنهنجي ڪارڪنن کي منعقد ڪرائي ڏين، وڌ کان وڌ کين مطالعي ڏانهن راغب ڪن، نه صرف سياسي پر تاريخي، سماجي، علمي، ادبي، جاگرافي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اتساھڻ سان گڏوگڏ اخلاقي تربيت جا به جوڳا بندوبست مهيا ڪن، ڇو ته ڪارڪنن مان ئي مستقبل جا ليڊر چونڊيا ويندا آهن، ان ڪري سياسي ڪارڪن جي سياسي تربيت نهايت اهم آهي، سنڌ جي سياسي ڪارڪن کي توڙي جو ماضي ۾ برصغير جي انتھائي باشعور ۽ اورچ ڪارڪن جي حيثيت حاصل رھي آھي پر ويجھي ماضي ۾ سياسي ڪارڪنن تي ڀتاخوري، منشيات جي واھپي، اغواڪاري، ٺڳي ڪرڻ ۽ عام ماڻھن کي ھراسان ڪرڻ جا الزام لڳندا رھيا آھن جن جي ڪري سياسي جدوجھدن ڀوڳيو بـ آھي.
پر وقت جي ضرورت آھي تـ باڪردار سياسي ڪارڪنن ۽ ثابت قدم مستحڪم سياسي پارٽين کي اڳين صفن ۾ آڻي سنڌ جي حقن لاءِ اثرائتي جدوجھد ھلائجي. سنڌ هن وقت جن حالتن مان گذري پئي اهي حالتون به ڪي چڱيون نه آهن، هڪ طرف سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڪمپنين کي ڏنيون پيو وڃن ته ٻئي طرف سنڌو دريا مان ڇھ ڪينال ڪڍي چولستان جي زمينن کي آباد ڪرڻ جا سانباھا ٿي رهيا آهن، ڏٺو وڃي ته سنڌ جي معيشت جو گهڻو تڻو دارومدار زراعت تي آهي جيڪا پڻ پاڻي گهٽ هجڻ ڪري ڪا خاص نه ٿي ٿئي، مٿان ڪينال نڪتا ته اهڙي به نه رهندي هن وقت بجاءِ هڪ ٻئي تي سياسي تنقيد ڪرڻ جي نوجوان ڪارڪنن کي ڌار ڌار ڌڙن ۾ ورهائڻ جي، هڪ ئي نڪتي تي گڏ ڪجي جيئن اسان جي مزاحمت مضبوط ٿئي ۽ سنڌ دشمن منصوبا ناڪام ٿين، سنڌ جا جيڪي به قومپرست ۽ وطن دوست پارٽيون آهن انهن جو محور هڪ ئي هجڻ گهرجي. سندن جدوجھد جو مرڪز سنڌ جا وسيلا ۽ سنڌو جو پاڻي هئڻ گهرجي، ان لاءِ اسان جا جيڪي پاڻ ۾ نظرياتي اختلاف آهن انهن کي هڪ پاسي رکي پنهنجن نوجوان سياسي ڪارڪنن کي اهڙو دڳ ڏسجي جو هو سڀ هڪ پليٽ فارم تي پاڻ ۾ متحد ٿين يا گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ٻئي جي ٽنگ نـ ڇڪين، ڇاڪاڻ ته ڇڙو ڇڙو تحريڪون هلائڻ سان نه صرف تحريڪون ڪمزور ٿينديون پر اسان پنهنجا وسيلا به وڃائي ويهي رهنداسين.