پيڪا بل ڪوڙين خبرن لاءِ يا سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ آهي؟

تحرير: وفا گولو

حڪومت توڙي  ڪجهه ادارن سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فائر وال نالي هڪ سافٽ ويئير خريد ڪري اها ڪوشش ڪئي ته ڪهڙي به طريقي سان فيس بوڪ،واٽس اب،ٽيوٽر ۽ ٽڪ ٽاڪ کي پنهنجي ضابطي ۾ آڻجي پر ان سڄي ڪم تي تقريبن ايڪيهن کان ٻاويھ ارب روپيا خرچ ڪري به اهي ڪنٽرول نه ٿي سگهيا ۽ ملڪي خزاني کي هيڏي وڏي رقم جو نقصان ٿيو پر ان جي نه ڪا آڊٽ ٿي آهي نه ڪو ان بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي ته آخرڪار هڪ غريب قرض ۾ ٻڏل ملڪ کي ايترو نقصان ڇو ڏنو ويو.

ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران حڪومت پاران مختلف بل پيش ڪيا ويا آهن جنهن جو پوزيشن جو ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري رکيو حڪومت اهڙا بل پيش ڪيا آهن جن جو تعلق به ميڊيا سان آهي پِرِيوَينشَن آف اليڪٽرانڪ ڪرائيم ايڪٽ پيڪا جي نالي سان بل پيش ٿيو آهي جنهن ۾ پيڪا ترميم جو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ به ميڊيا يا سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز يعني ڪوڙي خبرون هلائڻ تي 3 سال قيد جي سزا ۽ 20 لک ڏنڊ جي تجويز ڏني وئي آهي بل تحت ڪيسز جي جاچ لاءِ نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي ۽ ٻڌڻي لاءِ خصوصي ٽربيونلز ٺاهيا ويندا جيڪي سوشل ميڊيا صارفين جي شڪايت ٻڌڻ لاءِ سوشل ميڊيا ڪمپلينٽ ڪائونسل جوڙي ان جي اصل صورت تائين پهچندا، جنهن جي ميمبرن ۾ صحافي، وڪيل، آءِ ٽي ماهر شامل هوندا، اسلام، پاڪستان، آئيني ادارن، عدليه ۽ فوج خلاف مواد غيرقانوني آن لائين مواد ۾ شمار ٿيندو، ڏوھ لاءِ ورغلائڻ، ڪوڙيون رپورٽس، غيراخلاقي ۽ توهين عدالت جو مواد به غيرقانوني سڏيو ويندو. بل تحت  سوشل ميڊيا واهپيدارن جو تحفظ ۽ حقن کي يقيني بڻائڻ لاءِ سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪئي ويندي جيڪا پيڪا ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي سوڌو لاڳاپيل ادارن کي سوشل ميڊيا تان غيرقانوني مواد هٽائڻ جي هدايت ڪري سگهندي، پيڪا ترميم بل ۽ فوجداري ضابطو ترميمي بل قانون جي وفاقي وزير، اعظم نذير پيش ڪيا،فوجداري ضابطي ۾ 108 ترميمن جي تجويز، ڪيسز تي فيصلو 6 مهينن کان هڪ سال ۾ ڪرڻ ۽ جديد ڊوائيسز کي قانوني ثبوتن ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. ان کان علاوه قومي اسيمبلي حياتياتي، زهريلي هٿيارن متعلق بل منظور ڪري ورتو آهي جنهن تحت جراثيمي هٿيار ٺاهڻ تي 25 سال جڏهن ته استعمال ڪرڻ تي سزا موت ڏئي سگهجي ٿي. جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو احتجاج ۽ گوڙ جاري رهيو، ميمبرز هٿن ۾ بئنرز کڻي پهتا هئا جن تي لکيو هو ته عمران کي آزاد ڪريو، گولي ڇو هلائي، اپوزيشن ميمبرز اجلاس جي ايجنڊا جون ڪاپيز ڦاڙي ڇڏيون،. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبر اقبال آفريدي ٻه ڀيرا ڪورم جي نشاندهي ڪئي پر ڪورم پورو نڪتو. جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف به ايوان ۾ پهچي ويو، سندس پٺيان پي ٽي آءِ جا ڪجهه ميمبر به ايوان ۾ پهچي ويا ۽ اُن خلاف چور آيو چور آيو جي نعريبازي شروع ڪري ڏني. وزيراعظم ڪجهه دير ويٺو رهيو،  اپوزيشن تي تنقيد ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته اپوزيشن کي عوامي مسئلن ۾ دلچسپي ناهي، هو رڳو هڪ ماڻهو جي آزادي جا نعرا هڻڻ ۽  لابي ۾ کائڻ پيئڻ ايندا آهن. اسپيڪر سوالن جي وقفي دوران اپوزيشن ليڊر عمر ايوب کي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني،ان تي بئرسٽر گوهر چيو آهي ته حڪومت جي پارلياماني ڪارڪردگي بدترين آهي، هڪ هڪ قانون ڏهه منٽن ۾ پاس ڪرايو ويو، علي محمد خان چيو ته باني کي غيرآئيني سزا ڏني وئي، جنهن خلاف احتجاج ڪريون ٿا.

پر هن سموري صورتحال کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته آخرڪار سرڪار جي اجلاس ڪري ٿي ان ۾ رڳو هو پنهنجي دفاع جا بل پيش ڪري ٿي ته اسان کي پنهنجو اقتدار ڪيئن بچائڻو آهي يا وري ڏسو ته اهڙي قسم جا بل جيڪي نه ڪي عوامي مفادن ۾ آهن انهن تي ڇو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي هي جيڪي به بل پيش ڪيا ويا آهن اهي فائر وال جي ناڪامي بعد پيش ٿيا آهن جنهن تي سڌي ريت ڪنٽرول نه ڪر سگهڻ بعد هاڻي وري قانون جو پاسو وٺي سوشل ميڊيا کي آزاد واري صورت کان روڪڻ جي نوان قانون جوڙي عوامي آزادي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هاڻي جيڪو هي پيڪا بل پيش ٿيو آهي ڇا ان تي حڪومت يا ايندڙ حڪومت عمل ڪرائي سگهندي يا اهو به فائر وال وانگي ناڪارا بڻجي پنهنجي اصل شڪل وڃائي ويهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.