اسلام آباد( بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس دوران هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن شور مچايو ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، جڏهن ته ايوان اپوزيشن ميمبرن جي نعرن سان گونجندو رهيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس جڏهن اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب اسپيڪر کي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي اسپيڪر سوال جي وقفي دوران پوائنٽ آف آرڊر جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اسپيڪر اياز صادق چيو ته هائوس بزنس ايڊوائيزري ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سوالن جي وقفي دوران اعتراض جو نڪتو نه اٿاريو ويندو. سوالن جي وقفي دوران اعتراض واري نقطي جي اجازت نه ڏيندس، اهو ئي معاملو هائوس بزنس ۾ طئي ٿيو هو.مخالف ڌر جي گوڙ جي دوران سوال جواب جاري رهيا، ان موقعي تي مخالف ڌر جي ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.