ڌاٻيجي ۾ ٽن ڏينهن کان ڌرڻو، ننڌڻڪا ناهيون، حڪمران اکيون کولين: مهاڻا

ڌاٻيجي(رپورٽ: مقصود احمد جوکيو) ٺٽي ضلعي جي ڪوسٽل بيلٽ تي مقامي مهاڻن جي شڪار تي پابندي ۽ نجي ونڊ پلانٽ جي انتظاميا پاران ماهيگيرن جا لنگھھ بند ڪرڻ خلاف تعلقي ميرپورساڪرو جي ساحلي ٽن يوسيز ڀنڀور، ڪڪڙانڊ ۽ کڳاڻ جي متاثر سوين ملاحن محمد اسحاق ملاح، زبير ملاح، احمد ڪڇي، عباس بلوچ، ابراهيم محمد حسن ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ونڊ مل ڪمپني جي گيٽ اڳيان ڪالهه ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو، احتجاج ۾ يوسي ڪڪڙانڊ جو چيئرمين حبيب الله بلوچ، يوسي کڳاڻ جو چيئرمين خان محمد بلوچ، يوسي ڀنڀور جو وائيس چيئرمين رحيم خان شورو، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر سچل خاصخيلي، سياسي سماجي اڳواڻن يار محمد لاشاري، غازي جوکيو، عباس ڪلمتي، جسقم اڳواڻ گلزار  شاھ، احمد ڪڇي ۽ ٻيا اڳواڻ به شريڪ ٿيا، ضلعي انتظاميا سميت ڪنهن به ايم پي اي ۽ ايم اين اي سندن سار نه لڌي، هڪ پيرسن ماهيگير پاران بيروزگاري سبب تيز ڌار سان آپگهات جي ڪوشش ڪئي وئي، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو، مظاهرين پاران جائز مطالبا حل نه ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ چيو ته ماهيگيري سندن نسلن کان هلندڙ روزگار آهي، جيڪو هاڻي بند ٿيڻ سبب سندن ٻچا بُک تي راتيون گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر سچل خاصخيلي جو چوڻ هو ته بجلي گهر انتظاميا جي ڏاڍين خلاف مهاڻن سان گڏ آهيون، سندن جائز مسئلا ته حل نٿا ڪيا وڃن الٽو پوليس احتجاج ختم ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي هيسايو پيو وڃي، جيڪو قابل مذمت جوڳو عمل آهي، يوسي ڀنڀور جي صدر رحيم خان شورو جو چوڻ آهي ته مهاڻن کي نه صرف مڇي مارڻ کان روڪيو ويو آهي، پر سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائي کين پنهنجي قديمي قبرستان ۽ سامونڊي تڙ تي به وڃڻ کان روڪي ويو آهي، ذميوار انتظاميا آهي، جسقم اڳواڻ گلزار شاھه اسد گوپانگ چيو ته هڪ طرف زمينن تي قبضا ڪري مختلف ڪمپنين کي وڪرو ڪري مقامي ماڻهن کي بي گهر ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف ماڻهن کان روزگار جو حق به کسيو پيو وڃي، هتان جا ماڻهو پاڻ کي ننڌڻڪو محسوس ڪري رهيا آهن، اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو پنهجي پريس بيان ۾ چيو سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي ڪوسٽل هاءِ تي لڳندڙ خانگي بجلي گهرن ۾ مقامي مهاڻن جي لنگھه  بند ڪري کين احتجاج تي مجبور ڪيو ويو آهي جنهن جي  مذمت ڪيان ٿي، سنڌ حڪومت فوري طور تي نوٽيس وٺي، مهاڻن جا مسئلا حل ڪري کين فاقا ڪشي کان بچايو  وڃي، ٻئي صورت ۾ مقامي پورهيتن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.