ڪامورن کي وي سي آڻڻ خلاف سنڌ جي يونيورسٽين ۾ تدريسي عمل معطل

ڪراچي(رپورٽر)ڪامورن ۽ نان پي ايڇ ڊي وائيس چانسلر کي آڻڻ جي ڪوشش خلاف سنڌ جي يونيورسٽين ۾ تدريسي عمل پنجين  ڏينهن به معطل رهيو،جڏهن ته خميس ۽ جمعي تي به تدريسي عمل معطل رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن استادن ڪراچي يونيورسٽي کان اين اي ڊي يونيورسٽي تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسي ايشن جي صدر ڊاڪٽر محسن علي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي مقرري ۾ تبديلي يونيورسٽين جي خودمختياري ۽ انهن جي معيار کي گهٽائڻ جي برابر آهي. هنن چيو ته حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪنداسين، اهڙي طرح استادن جي ڀرتين تي پابندي ۽ کين ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪرڻ پيپلزپارٽي جهڙي جمهوري پارٽي جي تعليم دشمن پاليسي آهي، هن وڌيڪ چيو ته هاڻي سندن مقرري ڪانٽريڪٽ تي ٿيڻ سان باصلاحيت ۽ ذهين استاد سرڪاري يونيورسٽين بدران پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ ويندا جنهن جي نتيجي ۾ سرڪاري يونيورسٽيون به سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي تصوير پيش ڪرڻ لڳنديون، جنهن جي ڄاڻ هر ڪنهن وٽ آهي. ڊاڪٽر محسن علي چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي ٽيچرس ايسوسيئشن سميت سڄي سنڌ جي تعليم دشمن ۽ استادن خلاف ٿيندڙ قدمن جي مذمت ڪري ٿي ۽ انهن کي فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.