اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) پريونشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز (پيڪا) ترميمي بل کي فراڊ قرار ڏئي ڇڏيو آهي، هڪ بيان ۾ پي ايف يو جي پيڪا ايڪٽ 2016ع ۾ ترميمن جي مذمت ڪئي آهي، پي ايف يو جي جو چوڻ آهي ته پيڪا ايڪٽ ۾ اهي ترميمون سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ طرفان دوکو آهي، پي ايف يو جي جو چوڻ آهي ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمون غير ضروري ۽ آئين جي روح جي خلاف آهن، اهي ترميمون ملڪ ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ صحافتي برادري کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي.