راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڳالهين جي چوٿين دور ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر عمر ايوب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي ڳالهين جي چوٿين دور ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ڳالهين جي چوٿين دور کان اڳ جڊيشل ڪميشن جو قيام ضروري آهي، جڊيشل ڪميشن جو قيام عمل ۾ اچڻ تائين ڳالهين جي چوٿين دور ۾ نه ويهنداسين.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جون واضح هدايتون آهن، جيڪڏهن حڪومت جڊيشل ڪميشن نه ٺاهي ته ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي، ان ڪري حڪومت سان ڳالهين جي چوٿين مرحلي ۾ نه ويهنداسين.
ٻئي طرف حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته عدالتي ڪميشن ٺاهڻ يا نه ٺاهڻ بابت اڃا فيصلو ناهي ٿيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ٽيم سان 28 جنوري تي چوٿون گڏيل اجلاس ٿيندو.