ماڻهو گم ڪرڻ ڏوهه آهي، ٽربيونل لاءِ پارليامينٽ کي قانون سازي جو نٿا چئي سگهون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي جاءِ تي جسٽس (ر) فقير محمد کوکر کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ چيو ته حڪومت قانون سازي ذريعي گم ٿيل ماڻهن بابت ٽربيونل ٺاهڻ چاهي ٿي ۽ قانون سازي لاءِ ڪابينا ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ٽربيونل لاءِ قانون سازي ڪرڻي پوندي، جسٽس جمال مندوخيل چيو قانون ته اڳ کان موجود آهي، ڪنهن کي گم ڪرڻ ڏوهه آهي، ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ٽرائل ڪريو، جيڪڏهن ڏوهه ناهي ڪيو ته ڇڏي ڏيو،

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته وفاقي حڪومت گم ٿيل ماڻهن جو معاملو هڪ ڀيرو حل ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن معاملو حل ڪرڻو هجي ها ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو حل ٿي وڃي ها، جسٽس حسن اظهر رضوي پڇاڻو ڪيو ته ڪميشن هن وقت تائين ڪيترن گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو آهي؟ ڇا اهي ماڻهو اچي ٻڌائيندا ته اهي ڪٿي هئا؟ جنهن تي رجسٽرار جواب ڏنو ته اهي ماڻهو نه ٿا ٻڌائين ته اهي ڪٿي هئا، جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته گم ٿيل ماڻهن بابت قانون سازي ٿيڻ گهرجي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان رڳو اميد ڪري سگهون ٿا ته حڪومت گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ڪندي، پارليامينٽ کي قانون سازي لاءِ نٿا چئي سگهون، بعد ۾ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.