افغان مان اسمگل ٿيل هٿيارن سان ڀريل ٽرڪ هٿ

اسلام آباد (م ڊ) سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي وڏي ڪارروائي ڪندي افغانستان مان هٿيار پاڪستان سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، سڪيورٽي ذريعن موجب فورسز 8 جنوري تي غلام  خان بارڊر ٽرمينل تي هٿيار سان ڀريل ٽرڪ پنهنجي قبضي ۾ وٺي پرڏيهي هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ ڪري ورتي، ذريعن ٻڌايو ته ٽرڪ مان جديد طرز جا پرڏيهي هٿيار ۽ ميگزين برآمد ٿيا، جنهن ۾ 26 ايم-16 رائفلونم ايم-4 رائفلن جون 292 ميگزين ۽ 10 هزار کان وڌيڪ گوليون شامل آهن، ذريعن موجب، پڪڙيل هٿيارن ۾ ڪلاشنڪوف جون 9 ميگزين ۽ 244 گوليون ۽ لائيٽ مشين گن جون 744 گوليون به شامل آهن، سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته هٿ ڪيل هٿيار ٽرڪ ۾ ڊرائيور جي ڪيبن ۾ ڳجهي جاءِ تي لڪايا ويا هئا، ٽرڪ ۾ هٿيارن لاءِ ڪمپارٽمنٽ ۽ پيڪنگ افغانستان ۾ ڪئي وئي، اهي هٿيار ۽ گولابارود پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻا هئا، سڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته ڪيئي ڀيرا فتنه الخوارج وارن خارجين وٽان پرڏيهي هٿيار برآمد ٿيا آهن.

  1. ڪرم امن معاهدي تي صحيح ڪندڙن جو جرڳو سڏائڻ جو فيصلو

پشاور( م ڊ )خيبرپختونخواهه حڪومت ڪرم امن معاهدي تي صحيح ڪندڙن جو جرڳو سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ ڪرم جي  صورتحال بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ڪرم امن معاهدي تي صحيح ڪندڙن جو جرڳو سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته معاهدي تي عملدرآمد لاءِ دستخط ڪندڙن جي ذميوارين کي اجاگر ڪيو ويندو.اجلاس ۾ ڪرم ضلعي ۾ ڳوٺن جي سطح تي قائم ڪميٽين کي به فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ٻئي طرف 60 کان وڌيڪ ننڍين گاڏين جو قافلو کاڌو، دوائون ۽ ٻيو سامان کڻي ضلعي ڪرم پهچي ويو. ضلعي انتظاميا موجب قافلو پارا چنار ۽ ٻين علائقن مان شام تائين پهچندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.